اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ عدالت شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جج جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪئي شيرين مزاري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. شيرين مزاري کي عدالتي حڪم تي آزاد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيرين مزاري جي آزادي بعد ٻيهر گرفتاري تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس حسن اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي، توهين عدالت جي درخواست ۾ آءِ جي اسلام آباد کي ڌرناهي بڻايو ويو هن درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهجي، شيرين مزاري جي وڪيل چيو ته اسان پنهنجي درخواست ۾ ترميم ڪريون ٿا، جسٽس حسن اورنگزيب چيو ته درخواست ۾ ترميم ٿي وڃي ته پوءِ وڌيڪ ڏسون ٿا عدالت حڪومت کي شڪ جو فائدو ڏيندي صبر جو مظاهرو ڪيو ڪجهه دير بعد حڪم نامو جاري ڪنداسين ان حوالي سان مناسب حڪم جاري ڪنداسين، ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي جسٽس حسن اورنگزيب چيو ته پاڻ کي وڌيڪ شرمنده نه ڪريو ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اکيون بند ڪري غيرقانوني ڪم ٿيڻ ڏيان؟ عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ فٽ ڪيس آهي، درخواستگذار چيو ته جيل ۾ ملاقات جي اجازت به ناهي جنهن تي عدالت جيل عملدار کي روسٽرم تي گهرائي ورتو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ملاقات کان منع ڪيو آهي؟ جنهن تي آءِ جي جيل پوليس چيو ته اسان ٻه ملاقاتون ڪرايون آهن پر آخري ڀيرو ڇنڇر جي شام جو آيا جنهن تي کين چيوسين ته صبح جو اچو عدالت چيو ته ياد رکو هي ايم او تحت جيل ۾ آهن ڪي جوابدار ناهن ڪنهن ڏوهه ۾ جوابدار ناهن .