اسلام آباد (بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙو ڪميشن جوڙي جيڪو غيرقانوني گرفتارين جي جاچ ڪري، سپريم ڪورٽ جي فون ٽيپنگ بابت فيصلي موجب جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. عمران خان وڪيل بابر اعواڻ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي اجازت کانسواءِ ڪنهن جج کي ڪميشن لاءِ نامزد نٿو ڪري سگهجي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ وارو نوٽيفيڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس پاڪستان آڊيو ليڪس جي معاملي تي ڪميشن جوڙي جيڪا اهو به ڏسي ته وزيراعظم، ججز، سياسي ورڪرز جي ڪال رڪارڊنگ ڪهڙي قان تحت ڪئي وڃي ٿي ڪير رڪارڊنگ ڪري رهيو آهي  سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ بينظير ڀٽو ڪيس ۾ فون ٽيپنگ بابت فيصلو ڏئي چڪي آهي، حڪومت پاران ڪميشن جوڙڻ کان اڳ اهو نه ڏٺو ويو ته فون ٽيپنگ ڪير ڪري رهيو آهي، ڪهڙيون نامعلوم ۽ طاقتور قوتون وزيراعظم هائوس ۽ ججز جي جاسوسي ڪري رهيون آهن.