آن لائين ڪلاس روم : تصوير جو ٻيون رخ

0
458

سموري دنيا جي معاشي، سماجي ۽ انتظامي ڪاروھنوار لاءِ چئلينج بڻيل عذابي صورت اختيار ڪيل بيماري جنهن کي ڪووڊ 19 جونالو ڏنوويو آهي، هڪ ساري انسانذات کي کائي رهي آهي. ان جي اڃان تائين خبرئي ڪونه ٿي پوي ته انسان جي ٺاهيل آهي يا جانورن مان ڦهليل آهي، ان وڏا ڪلورڪري ڇڏيا آهن. تنهن آمريڪا ۽ برطانيا جهڙن سگهارن ملڪن جا لاھه ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي هندستان کي وڪوڙي وئي آهي. هن وچڙندڙموذي مرض سڄي انسانذات جي اصولن ۽ قدرن کي اڏوهي وانگر کائي ڇڏيوآهي ۽ انسان کي انسان کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. اهو محاورو هاڻي بي معنيٰ ٿي ويو آهي ته انسان هڪ سماجي جانور آهي بلڪه هاڻي اهو چيو وڃي ٿو ته زندھه رهڻو آهي ته هڪ ٻئي کان پري رهڻوآهي. جيڪڏهن ماءُ کي بيماري لڳي ته پٽ اڳيان نه اچي، جي پٽ کي بيماري لڳي ته ماءُ کي پري رهڻوآهي. ايئن کڻي چئجي ته هاڻي زنده رهڻ لاءِ نوان قانون ۽ قائدا ٺاهڻا پوندا ۽ شاعر به وصل ۽ هجر جا نوان پيمانا متعارف ڪرائيندا.
هاڻي شاگرد به ٻين شاگردن سان گڏ ٿيلهوڪلهن ۾ پائي هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي يا هڪٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي اسڪول ۾ نه ٿا وڃي سگهن. هوهڪ بينچ تي ويهي استاد کي بورڊ تي لکندو نه ٿا ڏسي سگهن. هو ٻين شاگردن سان ڳالهائي يا ڪا ڳالھه پڇي ٿا سگهن نه ئي ڪا شرارت ڪري سگهن ٿا. گھڻن ملڪن وانگر اسان جا اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند آهن ۽ خبر ڪونهي هي ڪورونا جو قهرڪيستائين انسان کي بيدردي سان ماريندو رهندو ۽ زندگين جي زيان سان گڏ معصوم شاگردن جي تعليم جو به نقصان ڪندورهندو. سوال اهو آهي ته ڇا انسان ايترو ڪمزور آهي جو هو هڪ بيماريءَ جي ڪري سڀ ڪجھه ڇڏي ويھي رھي؟ بلڪل نه ! انسان جو وجود قائم رهيو آهي ۽ هو رهندي دنيا تائين قائم ۽ دائم رهندو. اهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون ، وبائون، سوناميون ۽ حادثا دنيا ۾ آيا پر انسان جي وجود کي لوڏي ڪونه سگهيا. پوءِ ڇا ان بيماري جي ڪري اسين پنهنجي تعليم ۽ روزگار تان هٿ کڻي ڇڏيون؟ ڇا ٻارن کي چئون ته ڪتاب ڪٻٽن ۾ بند ڪري ڇڏيو يا ڪاٻاڙين وٽ ويھه روپيا ڪلو جي حساب سان وڪڻي اچو ۽ جيڪي پڙهيو اٿو اهو وساري ڇڏيو؟ بلڪل نه. انسان کي ھن دنيا ۾اشرف المخلوقات جو درجومليل آھي ھن جيئڻ جي لاءِ جيئن اڳ ۾ جتن ڪيا آھن تيئن ھاڻي به رستا ڪڍي رھيوآھي ۽ تعليم لاءِ به بھتر رستا ڳولي رھيوآھي.
اهڙي ڏکئي وقت ۾ اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪم آئي آهي، جنهن اسان جي استاد ۽ شاگرد کي مشغول رکيوآهي. اڄ اسان جو اسڪول جو يا يونيورستي جو شاگرد ترقي يافته ملڪن جي شاگردن جيان انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو ۽ زوم تي ۽ گوگل ميٽ تي ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو ۽ استاد سان سوال جواب ڪري ٿو.
آن لائن ڪلاس روم يا آن لائن تعليم جي خلاف مون پنهنجن ڪجھه دوستن کي ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ڪجھه ڪالم پڙهيا ته ٿورو ويچار ٿيو ته ڇونه هڪ استاد جي حيثيت سان آئون ان بابت پنهنجا ويچار ۽ تجربا اوهان آڏو رکان. پر آن لائن ڪلاس روم جي باري ۾ ڪجھه چوڻ کان پھريان اها حقيقت بيان ڪريان ته حقيقي ڪلاس روم جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد آمهون سامهون هجي ان جو ڪو بدل ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. هاڻي جڏهن حالتون اها اجازت نه ڏين ته ان جو بهتر متبادل آن لائن ڪلاس ئي آهن. ته آن لائين ڪلاسن جي ڪري شاگردن ۾ ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ھلائڻ ۾ بھتري اچي ٿي ۽ انھن ۾ ھنن شين جي استعمال ۾ دلچسپي وڌي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھو نوان سافٽ ويئر جھڙوڪ گوگل ميٽ ۽ زوم وغيرہ به ھلائي سگهن ٿا. جيئن ته ھي نوان سافٽ ويئر ھلائڻ ۾ تمام آسان آھن ۽ بنا ڪنھن اضافي قيمت جي ڊاؤن لوڊ ٿين ٿا ان ڪري شاگرد انھن کي چاھه سان سکن ۽ استعمال ڪن ٿا.
آن لائين ڪلاسن جي ڪري انرجي(طاقت)، وقت ۽ پئسي جي بچت ٿئي ٿي. فزيڪل ڪلاس جي لاءِ اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وڃڻو پوي ٿو. ڪافي شاگرد مختلف شھرن کان يا پري کان پنھنجن ادارن تائين پنڌ، سائيڪلن تي، موٽرسائيڪلن تي يا بسن وغيره تي اچن ٿا جنھن ۾ گھڻو وقت، طاقت ۽ پئسو خرچ ٿئي ٿو. ڪجھه حالتن ۾ ته شاگرد ڪافي ٿڪجي پون ٿا جنھن جي ڪري انھن جي پڙھائي جو به حرج ٿئي ٿو. ان کان سواءِ اسڪول وغيره جي لاءِ تيار ٿيڻ ۾ به ٽائيم لڳي ٿو، ڪپڙا ۽ ڊريس روز استري ۽ صاف سٿري ھجڻ به لازمي آھي. ان کان سواءِ شاگردن کي ڀاڙو ڀتوِ۽ چانهن سموسي جو خرچ به سهڻو پوي ٿو. پري جا شاگرد مائٽن مٽن وٽ يا هاسٽلن ۾ اچي رهن ٿا جنهن جي لاءِ به ڪافي انتظام ڪرڻا پون ٿا. ٻئي طرف آن لائين ڪلاس ۾ اهو سڀ ڪجھه ڪونهي. نه بس، نه ڪرايو، نه ڊريس ،نه ٿڪ، نه تڪليف ۽ نه ئي ڪو اضافي خرچ. پنهنجي گهر۾ ويهي ڪمپيوٽر يا موبائيل کولي زوم ميٽنگ شروع ڪري استاد کي ٻڌڻو ٿو پوي. جيڪڏهن ڪا ڳالھه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته ڪلاس ۾ پڇي به سگهجي ٿي. سڄو ڪلاس ڪنهن به موضوع تي بحث مباحثو به ڪري سگهي ٿو. هاڻي هن نظام جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪجھه اوڻايون يا گھٽتايون به آهن. خاص ڪري ڪجھه مسئلا گھڻو درپيش اچن ٿا. هڪ ته لائيٽ جو گھڻووڃڻ ۽ لوڊشيڊنگ، بار بارانٽرنيٽ جو رابطو ٽٽي وڃڻ يا ان جي سگنلن جو گهٽ ٿي وڃڻ. ان مسئلي جو حل اهو آهي ته استاد هلندڙ ڪلاس جي ميٽنگ جي وڊيو (جنهن جو آپشن سافٽ ويئر ۾ موجود هوندو آهي) ريڪارڊ ڪري سگهن ٿا. اهڙن شاگردن سان گروپ ۾ شيئر ڪري سگهن ٿا جيڪي ڪلاس ۾ لائيٽ جي نه هجڻ جي ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري موجود ڪونه هئا سي وري ٻڌي ۽ ڏسي سگهن ٿا. هاڻي سائين، پڙهڻ وارو ۽ سکڻ وارو شاگرد ته هر جڳھه تي سکي ۽ پڙهي ٿو ۽ نه پڙهڻ واري کي ته سئو بهانا آهن. هنن ڪلاسن ۾ اهڙا به شاگرد ڏٺاسين جن کي ڪلاس جو گهڻو اونو هوندو آهي ۽ ھو وري وري پيا ڪلاس جي پڇا ڪندا آهن. ان جي برعڪس ڪي اهڙا به شاگرد آهن جيڪي اهو بهانو ڪندا آهن ته اسان وٽ نيٽ جا سگنل ڪونه ٿا اچن. خاص ڪري ڳوٺن جا يا پري جا شاگرد اها شڪايت ڪندا آهن. اهڙن شاگردن کي کپي ته ڪلاس جي وقت ڪنهن اهڙي ويجهي جاءِ تي هجن جتي ڪجھه بهتر سگنل هجن. اڄ ڪلھه انٽرنيٽ گهڻو ڪري هر جاءِ تي موجود آهي، حيدرآباد يا ڄامشورو اچڻ جي بجاءِ، ٽي چار ڪلوميٽر پري ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي موبائيل تي ڪلاس وٺن. شاگردن کان سواءِ استادن کي به هن نظام مان وڌيڪ سولائي ٿئي ٿي. استاد پڙهائڻ دوران پنهنجا نوٽس، مختلف مضمونٰ، پاور پوائنٽ سلائيڊ به شاگردن سان شيئر ڪري سگهن ٿا ھو ڪلاس ھلڻ جي دوران انٽرنيٽ جي ھزارين لکين سائيٽن تان ڪو به مواد انھي ئي وقت شاگردن کي ڏيکاري ۽ ان تان ڪجھه به سيکاري سگھي ٿو. ھو ساڳئي وقت شاگردن جون اسائنمينٽون ۽ انهن جو ڪيل ڪم ڏسي ۽ چيڪ ڪري شاگردن کي انهن جون غلطيون به ٻڌائي سگهي ٿو ۽ مارڪون به ڏيئي سگهي ٿو. هاڻي هن ڪووڊ جي موتمار وچڙندڙ بيماري ۾ جيڪڏهن اسان جي شاگردن کي هيءَ سهولت ملي ته ان کي غنيمت سمجهي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي . ٿورن مسئلن جي ڪري يا ڪجهه شاگردن جي ڪري هن نظام کي غلط سمجهڻ نه گهرجي. ڪجھه شاگرد ته فزيڪل ڪلاسن ۾ به غيرحاضر هوندا آهن يا ڪئنٽين ۾ دوستن سان کل ڀوڳ ۾ مصروف هوندا آهن . هونئن به جيڪڏهن انسان جي نفسيات جو مطالعو ڪيو وڃي ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته انسان جي طبيعت تبديليءَ کي وڏي مشڪل سان قبول ڪندي آهي ۽ هو خاص ڪري عمر جي هڪ مخصوص حصي ۾ پهچي نئين شين کان يا نئين تجربن کان لهرائيندو آهي ڇو ته نئين شيءَ کي سکڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ڪجھه وقت ۽ محنت بھرحال لڳي ٿي. پر هي آن لائن ڪلاس روم وقت جي ضرورت آهي ۽ هن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي . بلڪه مان ته اڃان به اڳيان جي اڳڪٿي ڪريان ٿو ته آن لائن ڪلاسن جي ڪاميابي کي ڏسي هاڻي دنيا شايد ٿيوري پڙهائڻ جي لاءِ آن لائين ڪلاسن کي ئي ترجيح ڏيندي.
حڪومت کي گھرجي ته شاگردن جي بھتر مستقبل کي سامھون رکندي آن لائين ڪلاسن جي انعقاد واري تعليمي بھتري جي مقصد کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي. جيئن موجوده عھد جا شاگرد ڪوروناوائرس جي موذي وبا دوران پنھنجي تعليم کي مڪمل ڪري سڀاڻي فخر سان چئي سگھن ته ھنن ڪورونا وائرس جي وبا کي شڪست ڏيئي تعليمي منزل جي حصول کي ڪاميابي سان ممڪن بڻائي پاڻ ملھايو آھي. اسانجا استاد ۽ شاگرد ھڪٻئي جي گڏيل سھڪار سان آن لائين ڪلاسز ذريعي تعليم جي نقصان جو مڪمل ازالو ڪري ڏيکاريندا ۽ ثابت ڪندا ته پروردگار انسان کي مشڪلاتن جي حل ڪرڻ لاءِ پنھنجي خاص قدرتي عطائن سان نوازيو آھي .