گهريلو پورهيت عورتن جا مسئلا

0
550

ڏسو! سخت پلاسٽڪ کي ڪٽي ڪٽي، منهنجون آڱريون ۽ هٿ چٻا ٿي ويا آهن. هن کي 15 سالن جي ڇوڪري پنهنجا ٻئي هٿ اڳيان ڪري ڏيکاريا، هن جي معصوم اکين ۾ لڙڪن جي آلاڻ سان گڏ نراسائي ۽ برداشت پڻ جهاتيون پائي رهيون هيون. سوپاريون ۽ کجور مسلسل ڪٽڻ سان آڱرين جا نهن به ختم ٿيندا ٿا وڃن. هن 65 سالن کن جي عورت جنهن کي وقت کان اڳ چهري تي گهنج پئجي چڪا هئا پنهنجا محنت ڪش هٿ ڏيکاريا.
55سالن جي “ز” جي اکين جي چمڪ ختم ٿيل هئي. اکين جيان هن جي آواز ۾به ڄڻ زندگي نه هئي، چوڙيون ٺاهڻ دوران بٺي جي تيز باهه جي تئو جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون بيمار ٿين ٿيون. انهن جي نظر به گهٽ ٿي وڃي ٿي ته ڦڦڙ به خراب ٿين ٿا.
ڇا ڪجي جو سخت پورهئي جو وري ڪو خاص اجوروبه نٿو ملي، هر عورت هزار ڪهاڻين جيان پيڙا جو مثال هئي.
جهوڙ پوڙهي عورت جي چهري تي تڪليف ۽ تجربو پاڻ ۾ جهيڙي رهيا هئا. گهري رنگت، سخت هٿ هن جي پورهئي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.
سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين تارن کڙڻ کان چنڊ اڀرڻ تائين ڪڪڙن جي دسن کان ڪوئل جي ڪوڪ تائين هو مسلسل حرڪت ۾ رهي ٿي. هن جي نالي جو نه ڪو جهنڊو آهي نه ئي ڪو نعرو آهي هو مسلسل پورهيو ڪندڙ پورهيت عورت جنهن جي زندگي ۾ نه ڪا مڃتا نه ڪا ساراهه ٿئي ٿي، پنهنجي زندگي جي درد پيڙا تڪليف کي سهندي وڃي ٿي ۽ پنهنجي پورهئي ۾ مصروف رهي ٿي. مزدور عورت جيڪا زندگي جي مخلتف شعبن ۾ ٻيڻيون ٽيڻون ذميواريون نڀائي ٿي. مزدور عورت پنهنجي مزدوري کان علاوه گهر جي ذميوارين جي پوئيواري پڻ ڪنديون آهن.
صبح سوير جٿا ڪري نڪرندڙ پورهيت عورتون جيڪي ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي ٻهاري پوچو ، ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي رڌو پڪو ڪندڙ عورتن تائين سڀ 24 ڪلاڪ ڪم ۾ مصروف رهنديون آهن.
عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ موبلائيزيشن جي مهم دوران وومين ايڪشن فورم حيدرآباد جي ٽيم جي ڪيترائي ڀيرا هوم بيس ورڪرز عورتن سان ملاقات ٿي آهي. هوم بيس ورڪر اهي عورتون آهن جيڪي حڪومتي سطح تي نظر انداز ٿيل آهن.
هوم بيس ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري عرفانه عبدالجبار جي مطابق هڪ سروي جي حساب سان هوم بيس ورڪر عورتن جو تعداد 10 لک کان مٿي آهي.
اهو پورهيو سولو نه آهي.
هوم بيس ورڪرز پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، جيڪا منظم طرح سان 2003ع کان ڪم ڪري رهي آهي. 2015ع ۾ انهن لاءِ حڪومتي سطح تي پاليسي ٺهڻ جا فيصلا ميڊيا ۾ رپورٽ به ٿيا پر عملي طرح سان انهن تي مڪمل طرح عمل درآمد نه ٿي سگهيو. مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن جا اڻ ڳڻيا مسئلا آهن.
حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي جنهن ۾ لکين پورهيت عورتون مختلف هنڌن تي سخت پورهيو ڪندي نظر اچن ٿيون.
فارمل سيڪٽر ۾به انهن جي پگهار گهٽ آهي پر ان فارمل سيڪٽر ۾ ته عورتون پيڙهجي رهيون آهن.
ان فارمل سيڪٽر ۾ نه ڪا پگهار مقرر هوندي آهي نه وري ڪم جو ڪو وقت مقرر هوندو آهي سڄو سڄو ڏينهن عورتون ڪم ۾ مصروف رهندي پنهنجي صحت خراب ڪنديون ٿيون وڃن.
گهر جي ذميوارين جي چڪي ۾ پيسجڻ جي باوجود هي عورتون گهر ۾ ويهي وڌيڪ ان فارمل سيڪٽر ۾ پڻ محنت ڪن ٿيون . ڪنفيڪشنري، پلاسٽ جا رانديڪا ڪٽي، انهن کي الڳ الڳ پلاسٽڪ ۾ پيڪ ڪرڻ . کجور جي ڪٽنگ ۽ انهن کي پيڪ ڪرڻ سپاريون ننڍيون ننڍيون ڪٽڻ ۽ انهن کي پيڪ ڪرڻ ، ٺيڪيدار عورتن کي مختلف ڪم ڏيندا آهن ۽ ان جو اجورو تمام گهٽ ملندو اٿن. هڪ ته عورت جي مجبوري اها جو ٻاهر نڪرڻ کان گهر ۾ ويهي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون ان ڪري هر قسم جي استحصال کي برداشت ڪن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ٺيڪيدارن جا انتهائي خراب رويا پڻ برداشت ڪن ٿيون. عزت نفس مجروح ڪندڙ رويا، هراس ڪندڙ رويا روز جو معمول بڻيل هوندو آهي.
ڪيترائي ننڍي عمر جا ٻار ڇوڪريون جن جي اسڪول وڃڻ جي عمر باوجود اهي تعليم کان محروم رهندي غريب حالتن جي مدد لاءِ گهر ۾ وڃي پورهيو ڪن ٿيون. چوڙي جي صنعت حيدرآباد جي وڏي صنعت آهي جنهن جي ترقي ۾ انهن بي نام پورهيت عورتن جو وڏو هٿ آهي. خوبصورت رنگ برنگي، نازڪ چوڙين جي ٺاهڻ جو عمل ايترو نازڪ نه هوندو آهي. جوڙي ٺاهڻ جا 72 مرحلا هوندا آهن، جن ۾ 60 مرحلا عورتن جي محنت سان طئه ٿيندا آهن. جنهن مهل شيشي جون ڀريل ٽرڪون لهنديون آهن ته عورتون ان نازڪ شيشي کي الڳ ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن. ان مرحلي ۾ انهن جا پنهنجا هٿ به زخمي ٿيندا آهن. شيشو بٺي ۾ وجهڻ وارو ڪم مرد مزدور ڪندا آهن، وري جڏهن چوڙين جا ٽوڙا ٺاهڻ جو ڪم ايندو آهي ته اهو عورتن جي حوالي ٿيندو آهي. هڪ هڪ چوڙي کي گول ڪري بٺي تي شيشو جوڙڻ جو ڪم، ڪافي عورتون گهرن ۾ ڪن ٿيون. هڪ مزدور جي حساب سان انهن جي مزدوري نه هجڻ جي برابر ملي ٿي. ڪجهه رپين عيوض انهن عورتن سان صحت جا مسئلا ٿين ٿا. اکيون ۽ ڦڦڙ خراب ٿين ٿا. نهايت افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ايڏي وڏي صنعت ۾ پنهنجو رت ۽ پگهر ارپيندڙ عورت جي سيڪيورٽي ۽ صحت جو ڪو به منظم طريقو موجود ئي نه آهي.
هوم بيس چئي انهن عورتن جي پورهئي کي تمام هلڪو تاثر ڏنو ٿو وڃي پر جنهن مهل انهن سان روبرو ملجي ٿو تڏهن انهن جو درد دل ۾ ڌڙڪڻ لڳي ٿو.
هي مزدور عورت جيڪا ملڪي صنعت جي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندي به هر قسم جي سهولت کان وانجهيل آهي . انيڪ ڪهاڻيون،درد ڪٿائون لڪل آهن. هنن کي نه پگهار آهي نه ڪم جو وقت مقرر آهي نه صحت جي ڪا سهولت آهي ڪم ڪري ڪري جنهن وقت هو ڪنهن مشين جي پرزي جيان ناڪاره ٿين ٿيون ته پوءِ اهو پرزو ٺهرائڻ جي بدران پرزو تبديل ڪيو ٿو وڃي.
ڇو ته هن مزدور عورت وٽ نه سوشل سيڪيورٽي آهي نه وري صحت ڪارڊ اٿن. گهڙيال جي ڪانٽن جيان هلنديون پيون رهن. غذا جي ڪمي جي ڪري ٻارن جي پيدائش وقت پڻ هنن کي سوين معاملن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، بيمار ٿيڻ وقت به هو جلدي ٺيڪ ٿيڻ چاهين ٿيون ڇو ته هنن کي آرام ناهي ڪرڻو، هنن کي ڪم ڪرڻو آهي، پورهيو ڪرڻو آهي. هو پنهنجي کاڌ خوراڪ تي ڌيان به نه ڏينديون آهن پر پنهنجي پنهنجي گهرن جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻنديون آهن. ان فارمل سيڪٽر جي مزدور عورت لاءِ ته پينشن جي سهولت به ناهي هوندي.
سياسي جماعتن کي به صرف عورت جي ووٽ جي ضرورت هوندي آهي هنن جي نظر ۾ هڪ عورت هڪ ووٽ، هڪ نمبر يا هڪ انگ هجي ٿي. پر هو مڪمل انسان جيڪا ڏينهن رات پيڙهجي ٿي.مغرور بدڪدار جا طعنا ۽ دل کي تڪيلف ڏيندڙ رويا برداشت ڪري ٿي. ان بهادر عورت جي مسئلي جي حل لاءِ ڪير به تيار نه آهي. هي عورتون ڄڻ اهي مشينون آهن، جيڪي خراب ٿيڻ تي پراڻي بيٽري جيان تبديل ڪيون وينديون آهن اهي ٺهرائڻ يا مرمت جوڳيون نه آهن.
سماج جي هر اداري ۾ اهي تفريقي رويا عورت جي وجود تي ڌڪ جيان آهن پر عورت جدوجد انهن پورهيت ، مزدور عورتن کي سلام ٿي ڪري.
مزدور، پورهيت طبقو هڪ آهي عورت جي پورهئي جي عظمت کي نه مڃڻ وارن لاءِ عورتون سوين سوال اٿارين ٿيون. سنڌ حڪومت انهن جا حق ڏيڻ جي ذميوار آهي انهن پورهيت عورتن لاءِ منظم طريقي سان پاليسيون ٺاهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو هميشه مزدور عورتن جي ٻانهن ٻيلهه رهي آهي، محترمه بينظير جنهن هتي وومن ٿاڻن جو قيام ڪيو. فرسٽ وومين بئنڪ کان وٺي بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ تائين جي اجرا تائين هر حڪمت عملي مان ظاهر هو ته هن جي دل ۾ عورت لاءِ عزت آهي ۽ هو عورت جي تڪليف ۽ درد کي پڻ سمجهي سگهي پئي، پر هن وقت ته لڳي ٿو ته سنڌ جي عورت يتيم آهي جنهن لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه ٿي جوڙي وڃي. هوم بيس ليبر سان جڙيل عورتن جي زندگي جا جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هن پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي واضح پاليسون آڻڻ جي ضرورت آهي.