واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جون اختياريون هڪٻئي سان باقائدگي سان ملاقاتون ڪن ٿيون جيڪي اسٽينڊرڊ پريڪٽس آهن. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويدانت پٽيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته پاڪستاني سفير جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ميٽنگ تي هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته تمام گهٽ اهڙا ملڪ آهن جيڪي پاڪستان وانگر دهشتگردي سان متاثر ٿيا آهن، دهشتگردي جو خاتمو اسان جي گڏيل مفادن ۾ آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ طالبان جهڙيون تنظيمون خطي جي لاءِ خطرا آهن، دهشتگردي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ مضبوط ساٿ چاهيون ٿا. آمريڪي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته عالمي ۽ علائقائي دهشتگرد تنظيمن خلاف پاڪستان جي ايڪشن جي اميد رکون ٿا.