نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس جي قيادت پهريون ڀيرو گانڌي خاندان جي هٿن مان نڪري وئي، پارٽي 80 ورهين جي اڳواڻ کي نئون صدر چونڊي ورتو. مليڪا رجن کڙگي کي وڏي اڪثريت سان صدر چونڊيو ويو، کيس 9 هزار 385 مان 7 هزار 897 ووٽ مليا. سندس مقابلي ۾ بيٺل ششي ٿرور کي هڪ هزار 72 ووٽ مليا. ٻن ڏهاڪن کانپوءِ گانڌي خاندان کان ٻاهر جو ڪو اڳواڻ پارٽي جو صدر چونڊيو ويو آهي جنهن کي پارٽي اندر ۽ ٻاهر وڏي تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي. کرگي چونڊ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت تي ٿيندڙ حملن جو متحد ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو. پارٽي کي مضبوط ڪنداسين، ملڪ هڪ تانا شاهه جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي اسان کي پارليامنٽ کان وٺي روڊن تائين هر جاءِ تي وڙهڻو پوندو. کڙگي جو واسطو دلت برادري سان آهي جنهن بعد دلتن جي ٻيهر ڪانگريس ۾ اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي هن وقت ڀارت جوڙو مهم جي سلسلي ۾ ملڪ ۾ 3 هزار 500 ڪلوميٽر ڊگهو پيادل مارچ ڪري رهيو آهي. کيس ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪ ۾ زبردست حمايت ملي.