جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ آءِ بي اي ذريعي ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن عامر علي سومرو، مظفر خاراني، عبدالصمد مگسي ۽ ٻين پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف  احتجاجي جلوس ڪڍي ٽي اِي او سيڪنڊري آفيس پهچي ڌرڻو هنيو،   ان موقعي تي اميدوارن دانهيندي چيو ته 2021ع ۾ آءِ بي اي ذريعي ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي پر هن وقت تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا،  هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي آفر آرڊر نه ڏنا ويا ته اسين پنهنجو حق وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.