ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم تعلقي ۾ مبينا طور نقلي ٻج ۽ زرعي دوائن جي وڪري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ ۽ ڪمند جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ان سلسلي ۾ آبادگارن فاضل مري، قادر بخش مري، فيروز مري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته اسان کي اڳ ئي برساتي ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو ويتر زرعي ڊيلرن پاران نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون ڏيڻ سبب پوکيل ڪمند ۽ ڪڻڪ جا فصل تباهه ٿي ويا آھن، ھنن گھر ڪئي ته نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون جو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.