اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصف زرداري مٿان عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش واري الزام جي ڪيس ۾ شيخ رشيد مٿان فرد جرم ڪالهه به لاڳو نه ٿي سگهيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ شيخ رشيد خلاف آصف زرداري تي عمران خان جي قتل جي سازش جي الزامن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. شيخ رشيد جوڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي، جنهن سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهان، حاضري کان هڪ ڏينهن ج يڇوٽ ڏني وڃي. شيخ رشيد جي ميڊيڪل رپورٽ به درخواست سان گڏ جوڙي وئي آهي. عدالت شيخ رشيد جي طبي بنيادن تي ڪالهه حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 21 مارچ تي مقرر ڪئي،
ياد رهي ته شيخ رشيد مٿان ڪالهه فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو، عدالت طرفان کيس حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. گذريل ٻڌڻي تي پوليس ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.