اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عام چونڊن جون تياريون، اليڪشن ڪميشن ضلعي انتظاميا کان ڊي آر اوز ۽ اي آر اوز جي لسٽ گھري ورتي، صوبائي اليڪشن ڪمشنرز طرفان خط جاري. ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن ايندڙ ھفتي ماسٽر ٽرينرز جي ٽريننگ جو فيصلو ڪيو آھي، 40 ماسٽر ٽرينرز جي لسٽ تيار ڪئي وئي آھي ماسٽر ٽريننرز کي اليڪشن ڪميشن جا سينيئر آفيسر اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ  ۾ ٽريننگ ڏيندا. ماسٽر ٽرينرز ٽرينگ حاصل ڪري فيلڊ ۾ وڃي ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز کي ٽريننگ ڏيندا. چونڊ آفيسرن جي ٽريننگ 3 کان 4 ڏينھن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. آفيسرن جي ٽريننگ بعد چونڊ عملي جي ٽريننگ وارو عمل شروع ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کان چونڊ عملي جي لسٽ گھري ورتي آھي. ٻئي طرف گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات به ٿي آھي، جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان رينجرس ۽ ايف سي طلب ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آھي، جنھن تي گهرو سيڪريٽري کين ٻڌايو ته ان معامري تي گهرو وزارت کي لکت ۾ آگاھ ڪيو ويندو.