اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس واري فيصلي تي غور، وفاقي ڪابينا جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو فيصلو، وفاقي ڪابينا تازو پاور بريڪ ڊائون جي ذميدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ  ٿيو، وفاقي ڪابينا کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. قانون جي وفاقي وزير اھم آئيني قانوني نقطن بابت ڪابينا کي آگاھ ڪيو. قانون جي وزير فيصلي سان گڏ اختلافي نوٽ بابت به ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏني. ذريعن مطابق ان مامري تي وفاقي حڪومت تفصيلي فيصلو جاري ٿيڻ بعد حڪمت عملي جوڙيندي. جڏهن ته وفاقي ڪابينه جي اجلاس بعد وزير اعظم آفيس جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته وفاقي ڪابينا آڏو 23 جنوري 2023 تي ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ وزير اعظم جي ھدايت تي قائم ڪيل 4 رڪني جاچ ڪاميٽي مڪمل ڪري پيش ڪئي. رپورٽ ۾ نه صرف اُن واقعي جا بنيادي سبب بيان ڪيا ويا آھن پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندھي ۽ آئينده اھڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون به ڏنيون ويون آھن. اجلاس کي ٻڌايو ويو آھي ته 23 جنوري 2023 صبح جو ساڍي 7 وڳي کان بجلي جو بريڪ ڊائون پاور پلانٽس جي ٽرپ ٿيڻ ڪري صرف 4 منٽن ۾ پوري ملڪ اندر ڦھلجي ويو، ان جي بنيادي سبب انساني غفلت ھئي، رات جو بند ڪيل اي سي سرڪٽس جو صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ ھيو. اجلاس کي آگاھ ڪيو ويو ته ڪوٽ ادو پاور ڪمپني وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سھولت موجود آھي پر ان پاور پلانٽ جي معاھدي جو مدو  ختم ٿي چڪو آھي. ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي  وزير اعظم شهباز شريف چيو ته قوم منتظر آھي ته ان وڏي واقعي جي ذميوارن کي سنگين لاپرواھي تي سزا ڏني وڃي. وزير اعظم ھدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ان مجرماڻي غفلت جي ذميوارن خلاف فوري طور تي ادارتي  ڪارروائي ڪري. وزير اعظم چيو ته ڪيپڪو جي پاور  پرچيز جي معاھدي جي مدت جيڪڏھن ختم ٿي چڪي آھي ته ان معاھدي جي واڌ لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. وزير اعظم لاڳاپيل عملدارن کي اِھا به ھدايت ڪئي ته بجلي جي نظام کي ايس سي اي ڊي اي سان جوڙڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. وزير اعظم ھدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا بجلي جي پيداوار ۽ ترسيل جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان ھڪ جامع حڪمت عملي  جوڙي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا کي بجلي چوري ۽ لائن لاسز جي حوالي سان پاور ڊويزن تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي پاور ڊويزن طرفان تجويز ڪيل اھڙا علائقا جتي لائن لاسز 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي اتي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر بجلي تي ھلندڙ ٽيوب ويلز کي سولرائيزيشن جو منصوبو غور ھيٺ آھي، جنھن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. وزير اعظم بجلي چوري، لائنس لاسز ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ بجلي تي ھلندڙ ٽيوب ويلز کي سولرائزيشن جي حوالي سان ھڪ خصوصي ڪاميٽي جوڙڻ  جي لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي.