ڪينبرا(دلچسپ نيوز) آسٽريليا ۾ آڪٽوپس جيالاجسٽ تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اولهه آسٽريليا جي سامونڊي ڪناري تي انوکو واقعو پيش آيو، آڪٽوپس جيالاجسٽ لانس ڪارلسن تي اوچتو حملوڪري ڏنو جنهن سبب هو خوف ۽ هراس ۾ وٺجي ويو. ڏنگ لڳڻ سبب لانس ڪارلسن جي ڳچي ۽ منهن تي سخت زخم رسيا، ساموندي ڪناري تي مقرر ريسڪيو ٽيم فوري طور سائنٽسٽ جي متاثر حصي تي ڪولڊ ڊرنڪ هاري جنهن سبب کيس آرام ملي ويو. لانس ڪارلسن حملي جي وڊيو انسٽاگرام تي رکي ڇڏي جنهن کي لکين ماڻهن پسند ڪيو.