اسلام آباد (دلچسپ نيوز) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چوري ۽ گم ٿيل فون بلاڪ ڪرڻ لاءِ نئون نظام لاڳو ڪري ڇڏيو.پي ٽي اي موبائل فونز بلاڪ ڪرڻ جي نئين پاڻمرادي ”گم ٿيل ۽ چوري ٿيل ڊوائس سسٽم“ جي شروعات ڪئي آهي ۽ پي ٽي ايم موجب واهپيدار پنهنجي موبائل جي آءِ ايم اي آءِ بلاڪ ڪرائڻ جي درخواست ڏئي سگهن ٿا، ايل ايس ڊي ايس هڪ پاڻمرادو نظام آهي.پي ٽي اي جو چوڻ اهي ته چوري ٿيل موبائل فون شڪايت جي 24 ڪلاڪن اندر بلاڪ ڪئي ويندي ۽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪاميابي سان داخل ٿيڻ کانپوءِ درخواست ڪندڙ کي حوالو نمبر ڏنو ويندو.پي ٽي اي موجب گم ٿيل فون ملڻ تي شڪايت ڪندڙ کي ”ان بلاڪنگ“ لاءِ به ان ئي طريقي ڪار تي عمل ڪرڻو پوندو، واهپيدارن کي شڪايتي حوالي نمبر سان گڏ ٻيا لازمي تفصيل به فراهم ڪرڻا پوندا.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته موبائل فون ان لاڪ ٿي وڃي ته واهپيدار جي فراهم ڪيل نمبر تي هڪ ايس ايم ايس وصول ٿيندو.