مظفرآباد(م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي شڪست ملي وئي. آزاد ڪمشمير جي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 886 مان 813 جا نتيجا اچي چڪا آهن، نواز ليگ، پ پ، ڄمون ڪشمير پيپلزپارٽي کي 287، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ڪانفرنس کي 274 سيٽون مليون، 234 سيٽون آزاد اميدوار کڻي ويا، ضلعي ڪونسل حويلي جي 12 مان صرف هڪ سيٽ پي ٽي آءِ کي ملي، 7 سيٽن تي نواز ليگ ۽ 4 تي پ پ ڪامياب ٿي.حويلي جي وارڊز ۾ پ پ اڳتي رهي، پي ٽي آءِ 29 مان صرف 6 سيٽون کنيون. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي اباڻي يونين ڪائونسل ۾ به پي ٽي آءِ کي شڪست ٿي، سندس يوسي ۾ پ پ اميدوار اويس لياقت 134 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار 111 ووٽ حاصل ڪيا. راولاڪوٽ ۾ به پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي، راولاڪوٽ ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 سيٽن مان پي ٽي آءِ رڳو 3 سيٽون کٽي سگهي. مظفرآباد کانپوءِ آزاد ڪشمير جي هڪ ٻئي وڏي شهر راولاڪوٽ ۾ به ميئر اپوزيشن جو هوندو، جڏهن ته پونڇ ڊويزن ۾ 12 اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن. ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾به پي ٽي آءِ شڪست جو منهن ڏٺو هو.