ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي آرٽس ڪائونسل عالمي اردو ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي اعلان ڪيو آهي ته عالمي سنڌي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ويچار ڪريون پيا، “ 21 هين صدي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي “ جي سري  هيٺ ٿيل سيشن کي  برک ليکڪا نورالھديٰ شاهه،مدد علي سنڌي، جامي چانڊيو، يوسف خشڪ خطاب ڪيو، انهي سيشن جي ميزبان  ڊاڪٽر ايوب شيخ ٻڌايو ته عالمي سنڌي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي غور هلي پيو، برک ليکڪا  نورلھديٰ  شاهه خطاب ڪندي چيو ته ھو نوجوان سنڌي ليکڪن کان مايوس ناھي، هن چيو ته آئون سمجھان ٿي ته جيڪو ادب پنھنجي ڌرتي سان جڙيل آھي ان جو پاڙون زمين مان ڪير به اکيڙي نٿو سگھي۔ سيشن کي خطاب ڪندي مقررن جو چوڻ ھو ته نوجوان سنڌي ڪھاڻيڪار ۔ ناول نويس ۽ شاعر تمام زبردست تخليقون ڪن، انهي ڪري سنڌي ٻولي ختم ٿيڻ سميت اھڙين ڳالهين تي مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناھي، هنن چيو ته اڄ جو سنڌي ادب ٽيڪنالاجي سان گڏ سفر ڪري، 21 هين صدي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي کي چيلنجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو۔