ميرپورخاص: ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي جي آزاد اميدوار شاهد اشرف آرائين، علي احمد گورچاڻي، حاجي علي محمد نوحاڻي ۽ کيمچند ڀيل  ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪمران ڌر جا اميدوار پنهنجي شڪست ڏسي غلط حرڪتن تي لهي آيا آهن ۽ هنن ڌانڌلي ڪرڻ جي سلسلي ۾  سندن تڪ  جو مختلف پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهڙي هنڌ پولنگ اسٽيشنز رکيون ويون آهن، جتي نه پيئڻ جو پاڻي آهي، نه واش روم جي سهولت آهي. هنن چيو ته علائقي جو ماحول خراب ڪرڻ لاءِ مخالف اميدوار سازشون سٽي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان جا ماڻهو کين قتل جون ڌمڪيون پيا ڏين. هنن چيو ته مخالف اميدوارن جي ته سموري سرڪاري مشنري مدد ڪري رهي آهي، اهڙي صورت ۾ ڪير هنن کي ڌمڪي ڏئي سگهي ٿو. هنن چيو ته حقيقت اها آهي ته حڪمران ڌر جا اميدوار مخالف اميدوارن جا بينر ۽ پوسٽر لاهي رهيا آهن.