ميرپور ساڪرو (ن پ ا)ميرپور ساڪرو ٽائون تي پيپلزپارٽي جا 6 ڪائونسلر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا.خبرموجب تعلقي ميرپور ساڪرو ٽائون جي يوسي ڪرمپور مان ھادي بخش بلوچ پھنون بلوچ زاھد محمود بلوچ يوسي کڳاڻ مان حاجي ايوب سميجو وڏيرو نواز ٽانڊيو ملاح ۽ يوسي دٻو مان الھبچايو ماڦڙ جنرل ميمبر جي سيٽ تي ڪامياب ٿي ويا آهن سندن سامهون ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو. ٽائون ڪاميٽي جي ٽن وارڊن تي پيپلزپارٽي پاران امڪاني اميدوار عامر حسين ھديو بلوچ غلام نبي ڪنڀار فريد خاصخيلي پاران چونڊ سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن سندن سامهون ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو چئيرمين اقبال خاصخيلي پاران پڻ ڪئمپ آفيس قائم ڪري سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن