پشاور (م ڊ) صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان پنهنجي بيان جي پاڻ وضاحت ڪري ته سندس مقصد ڇا هو؟ پشاور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي صدر عارف علوي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان حالتون بهتر ٿينديون، آءِ ايم ايف کانپوءِ ٻيا ادارا به اڳتي ايندا، مهانگائي وڌيڪ آهي، ان تي ضابطو آڻڻو پوندو. هن چيو ته ٻوڏ ۾ ڊونرز ايجنسين کي پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي، ٻوڏ سڄي پاڪستان ۾ تباهي آندي آهي، جيڪب آباد، سکر، بدين ۽ دادو ٻڏل آهن. صدر علوي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، اڳ جيڪا پارٽي چوندي هئي ته چونڊون دير سان ٿين اها چئي ٿي ته جلدي ٿين. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ صدر عارف علوي چيو ته فوج محب وطن آهي، جانيون ڏيندي آهي، فوج ٻوڏ ۾ به ڪم ڪيو، آرمي چيف سميت سڄي فوج جي حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، موجوده حڪومت سميت سڀ ادارا محب وطن آهن، عمران خان پنهنجي بيان جي پاڻ وضاحت ڪري ته ان جو ڇا مقصد هو. هن چيو ته پردي پويان مفاهمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته اسٽيڪ هولڊرز ۾ غلط فهميون ختم ڪريان.