ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ سماجي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر دنيا کان پاڪستان جو قرض معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻن ڏهاڪن دوران ٿيل ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي، ڪرپشن سبب سنڌ سميت ملڪ جو بنيادي ڍانچو مستحڪم نه ٿي سگهيو آهي. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ جونيئر ذوالققار چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جا قرض معاف نه ڪيا ويا ته ماڻهو بک وگهي مري ويندا، هتي ڏڪار اچي رهيو آهي، دنيا کي اسان جا قرض معاف ڪرڻا پوندا. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ سياسي بدانتظامي آهي.آئون پاڻ ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي خاندان تي تنقيد نٿو ڪرڻ چاهيان، هي سياست جو معاملو آهي. انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کي منهن ڏيڻ وارو ڍانچو متاثر ٿيو آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن تعليم کاتي مان شروع ٿئي ٿي، والدين کي ڪاليج ۾ ٻار داخل ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيڻي پوي ٿي،  منهنجي پنهنجي خاندان تي هيءَ تنقيد ذاتي نه پر سياسي نوعيت جي آهي. جونيئر ذوالفقار سنڌ ۾ وڏيرا شاهي سسٽم تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو تبديل ٿي رهيا آهن.