پئرس (م ڊ) پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ سنگين جاني ۽ مالي نقصان تي فرانس جي ”نورمينڊي چيئر فار پيس سمر اسڪول، يونيورسٽي آف ڪين“ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. سمر اسڪول ۾ موسمياتي تبديلين تي ٿيندڙ هڪ سيشن ۾ مصدق سلطان ۽ احمد علي طرفان ٻوڏ سان ٿيل تباهين تي هڪ وڊيو رپورٽ پيش ڪئي وئي. ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان متاثر ٿيندڙ انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي آندي. ان وڊيو رپورٽ موجب سمر اسڪول ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ مقررن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. واضح رهي ته سمر اسڪول ۾ 40 مختلف ملڪن جا شاگرد پڙهي رهيا آهن، جن ۾ آمريڪا، برازيل، چلي، ڀارت، اٽلي، ارجنٽينا، آسٽريليا سميت ٻيا ملڪ شامل آهي.