لنڊن (م ڊ) لز ٽرس برطانيا جي نئين وزيراعظم چونڊجي وئي آهي. برطانيا جي راڻي اڄ لز ٽرس کي وزيراعظم جون ذميواريون سنڀالڻ جو چوندي. نئين چونڊيل وزيراعظم لز ٽرس کي 81 هزار 326 ووٽ مليا آهن، جڏهن ته سندس مخالف رشي سونڪ کي 60 هزار 399 ووٽ مليا. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ يارنهن اميدوار سامهون آيا هئا، پارليامينٽ جي ٽوري ميمبرن جي مختلف مرحلن کانپوءِ لز ٽرس ۽ رشي سونڪ ميدان ۾ بچا هئا. لز ٽرس پهريون ڀيرو 2010ع ۾ نورفوڪ ذريعي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو هو. لز ٽرس، ڊيوائس ڪيمرون، ٽريزا مي ۽ بورس جانسن جي ڪابينا ۾ ذميواريون ڏئي چڪي آهي. لز ٽرس چونڊ مهم دوران چيو هو ته هو انرجي بلز جي مسئلن سان ڪجهه ئي هفتن ۾ جان ڇڏائي ڇڏيندي. جڏهن ته هن ڪجهه ئي مهينن اندر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو حڪومتي منصوبا پيش ڪرڻ جو به واعدو ڪيو هو. ياد رهي ته اسڪينڊلز سامهون اچڻ کانپوءِ بورس جانس 7 جولاءِ تي وزيراعظم واري عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. برطانيا ۾ 23 جنوري 2025 تي امڪاني نتيجن جي ڪري وزيراعظم کي ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ 870 ڏينهن ملندا.