ممبئي (شوبز نيوز) لباس جي چونڊ سبب سدائين تنقيد کي منهن ڏيندڙ اداڪارا عرفي جاويد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ٻي گهرواري بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. ڀارتي فوٽوگرافرن جي سوالن جو جواب ڏيندي عرفي جاويد شاهه رخ خان سان پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. صحافي کانئس سوال ڪيو ته توهان شاهه رخ خان لاءِ ڪجهه چوڻ چاهيندا؟ جنهن تي عرفي چيو ته ”آءِ لو يو شاهه، مون کي ٻي گهرواري بڻائي ڇڏيو“. صحافي اداڪارا کان فلم ”پٺان“ جي ڪاميابي بعد ان جي سيڪوئل بابت راءِ ڏيڻ جو چيو، جنهن تي عرفي چيو ته مان فلم پٺان ٽو لاءِ شاهه رخ خان جي ڪري ئي دستياب هونديس.