ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته فلم “پٺان” جي ڪاميابي ناڪامي جا 4 سال وساري ڇڏيا آهن. شاهه رخ خان پنهنجي فلم “پٺان” جي غير معمولي ڪاميابي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ان فلم پنهنجون 4 سالن جون ناڪاميون وساري ڇڏيون آهن، آخري فلم فلاپ ٿيڻ تي ماڻهن چيو هو ته هاڻي منهنجون فلمون نه هلنديون. هن انڪشاف ڪيو ته اهڙي قسم جي ڳالهين کانپوءِ مان متبادل ڪم ڪرڻ جو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، کاڌو پچائڻ سکيو ته جيئن ريسٽورنٽ کوليان ۽ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کي کاڌو ٺاهي کارايان. واضح رهي ته 2018 ۾ رليز ٿيندڙ شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ باڪس آفيس تي ناڪام وئي هئي، جنهن جي 4 سالن کانپوءِ رليز ٿيندڙ فلم ”پٺان“ فلم ڀارتي ۽ انٽرنيشنل باڪس آفيسز تي ڪمائي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي.