ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تان ايس پي انويسٽيگيشن اولهه ڪراچي اسحاق حسين کي هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . کيس شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو. ڄاڻايل ايس پي انويسٽيگيشن عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو هو، جنهن سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي طلب ڪيو هو. هوڏانهن ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي ڄام ظفر الله ڌاريجو کي به هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ته ايس پي سيڪيورٽي ون حفيظ الرحمان کي ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي ۽ محمد قيس خان کي ايس پي انويسٽيگيشن اولهه ڪراچي مقرر ڪيو ويو