ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهري بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ اچي زال ۽ ٻن ٻارڙين کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيو، ٻارڙي دم ڏنو، ان ڏس ۾ سرجاڻي ٽائون جي سيڪٽر 5/10 ۾ شهري اظهر خان غربت کان تنگ اچي زال ۽ ٻن ٻارڙن کي زهر ڏئي پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، 2 ورهين جي معصوم ام ايمن تڙپي تڙپي دم ڏنو. ايس ايس پي اولهه فيصل بشير ميمڻ موجب ام ايمن جو لاش ۽ ٻين متاثر ڀاتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي شهري اظهر خان، سندس زال فاطمه ۽ 4 ورهين جي ڌيءِ ام هانيه جو علاج هلندڙ آهي، اظهر خان ڪافي عرصي کان بيروزگار هو، مسواڙي گھر ۾ رهندو هو، بيروزگاري ۽ غربت سبب گھر ۾ جھيڙا به ٿيندا رهندا هئا، جنهن سبب هن انتهائي قدم کنيو