ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، خبر موجب ميھڙ ۾ 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن عامر سولنگي، مشتاق ٻٽ، ديدار قمبراڻي، اصغر تنيو، بخشل خان، صداقت کوسو ۽ شڪيل وگھيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن امجد بليدي، علي ڏنو گاد، آفتاب احمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، نصيرآباد ۾  آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن زوھيب سيال، امان الله، غلام حسين بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، رتيديري ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن امجد علي، اعجاز اوڍاڻو، ارسلان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مورو ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي گڏجاڻي، ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن غلام اصغر چانڊيو، سيد وسيم شاهه، امتياز سولنگي، اسماعيل چانڊيو، منٺار سولنگي، خالد حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته گهربل مارڪون حاصل ڪرڻ باوجود آفر آرڊر ناھن ڏنا ويا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوڪريون ڏئي سندن مسئلو حل ڪيو وڃي.