حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نوراني بستي جي چشتيان ڪالوني ۾ هڪ غريب شخص جي گهر کي باهه لڳي وئي جنهن جي ڪري گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. اهو گهر ارمان قريشي جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ڪرائي ان گهر ۾ رهيل هو. باهه جو سبب سرڪٽ شارٽ ٿيڻ  ٻڌايو پيو وڃي. اطلاع تي علائقي واسين پهچي باهه کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي ڇڏيو. ارمان قريشي نالي همراهه پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي. باهه سبب سندس هزارين رپين جو سامان سڙي ويو.