اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچم قرض جي فراهمي لاءِ هلندڙ ڳالهين دوران اهم اڳڀرائي ٿي آھي آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال يعني ساڍن ٽن مهينن دوران پاڪستان ۾ غير ملڪي فناسنگ لاءِ 7 ارب ڊالر جي فناسنگ کي گهٽ ڪري 6 ارب ڊالر جي فنانسنگ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق پرڏيهي ۽ ناڻي وزارت پاران آءِ ايم ايف کان قرض جي فراهمي لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان رابطن بعد پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ قرض فراهمي لاءِ هلندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، ان حوالي سان ٿيل ڳالهين ۾ ناڻي وزير به شامل ٿيو، پرڏيهي وزارت آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان آءِ ايم ايف جي مشڪل شرطن بابت رابطا ڪيا جڏهن ته دوست ملڪن کان به پرڏيهي وزارت آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ مدد جي درخواست ڪئي، ذريعن مطابق اهڙن رابطن بعد پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ٿيل ڳالهين دوران هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي غير ملڪي فناسنگ جي حد 7 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري 6 ارب ڊالر ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آھي. ان حوالي سان چين کان 2 ارب ڊالر رول اور ڪرڻ ۽ 80 ڪروڙ ڊالر جلد فراهم ڪرڻ جي چين خاطري ڪرائي آھي، اسٽيٽ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف عملدار ترميم ٿيل معاهدي جي ڊرافٽ تي ڳالهيون  ڪري چڪا آھن، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ناڻي وزارت ۽ آءِ ايم ايف ترميم ٿيل معاهدي جو ڊرافٽ تيار ڪندا جنهن ۾ بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو شيڊيول به شامل ٿيڻ جو امڪان آھي ناڻي وزارت هڪ ڀيرو وري ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان قرض جي فراهمي لاءِ اسٽاف ليول معاهدي ٿي وڃڻ جي اميد ظاهر ڪئي آھي.