لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ پاران چونڊن ۾ عدالتي آر اوز مقرر ڪرڻ جو ٻيهر مطالبو ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري چيو آهي ته آر اوز نه ڏيڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو آهي، سدائين عدالتي آر اوز چونڊون ڪرائيندا آهن، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چيو آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪري، عمران خان مشورو ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن لاءِ خير سگالي جو پيغام ڏيون، اي سي پي طرفان چونڊن لاءِ بيهڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، پنجاب جي نگران حڪومت خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي، نگران وڏي وزير محسن نقوي کي ڪٽهڙي ۾ اچي جواب ڏيڻو پوندو، گذريل ڏينهن عمران خان جي ريلي عوام جو موڊ ٻڌائي ڇڏيو آهي، سُپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس خلاف مريم نواز جي مهم شرمناڪ عمل آهي.