نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل ملتوي ٿيڻ بعد ڀارت مان پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي واپسي جو سلسلو جاري انگلينڊ جا 8 رانديگر ملڪ واپس پهچي ويا آهن جڏهن ته آسٽريلوي ڪرڪيٽر وارنر جي ڌيءُ به والد کي ملڪ موٽڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ڀارتي حڪومت ٻن ڏينهن ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن کي واپس اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب آءِ پي ايل ملتوي ٿيڻ بعد ڀارت مان پرڏيهي رانديگرن، ڪوچز ۽ سپورٽنگ اسٽاف جي واپسي جو سلسلو جاري آهي. انگلينڊ جا رانديگر جوز بٽلر، معين علي، سيم ڪيوران، ٽام ڪيوران، ڪرس ووڪس، جوني بيرسٽو، جيسن راءِ ۽ سيم بلنگس ڪالهه انگلينڊ پهتا، جيڪي هاڻ 10 ڏينهن قرنطينا ۾ گذاريندا، آئن مورگن، ڪرس جارڊ ۽ ڊيوڊ ملان ۽ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا رانديگر 48 ڪلاڪن اندر ڀارت ڇڏي ويندا. نيوزيلينڊ جا ڪين وليمسن، ٽرينٽ بولٽ، ڪائلي جيميسن، مچل سينٽنر، ڪرس ڊونلڊسن، ٽومي سمسيڪل، لوڪي فرگوسن، جمي نيشام، فن ايلن، اسٽيفن فليمنگ، برينڊن ميڪ ڪيولم، ڪائل ملز، شين بونڊ، مائيڪ هيسن، ٽم سيفرٽ، ايڊم ملني، اسڪاٽ ڪوگلين، جيمس پيمنٽ به ڦاٿل آهن.