سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسٽيورٽ مڪ گل کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو ويو بعد ۾ کيس تشدد جو نشانو بڻائي آزاد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريلين پوليس جو چوڻ آهي ته 14 اپريل تي 3 ڄڻن اڳوڻي ليگ اسپنر اسٽيورٽ مڪ گل کي هڪ انٽرسيڪشن تي روڪيو ۽ گاڏي ۾ پاڻ سان کڻي ويا. پوليس موجب اغوا ڪندڙ هن کي شهر کان ٻاهر هڪ جاءِ تي کڻي ويا جتي مٿس تشدد ڪيو ويو، استري سان ساڙيو ويو، ڌمڪيون ڏنيون ۽ پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ بعد سڊني ۾ اربع جي ڏينهن صبح جو آپريشن ڪري 4 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي عمر 27 کان 46 سالن تائين آهي.