اسٽيبلشمينٽ به ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي: سرفراز بگٽي

0
43
اسٽيبلشمينٽ به ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي: سرفراز بگٽي
اسٽيبلشمينٽ به ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي: سرفراز بگٽي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ به ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙن لاءِ رياست جا دروازا کليل آهن

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ جو رڳو هڪڙو ئي شرط آهي ته هٿيار ڦٽا ڪيا وڃن، اسان ناراض بلوچن کي قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا

هن چيو ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ هن معاملي تي سڀ کان وڏي ڌر آهي، جيڪي ڪجهه هنن کي معلوم آهي ان جي ڪنهن سياستدان کي خبر نه آهي

سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته فوجي اسٽيبلشمينٽ ان نقطي تي گڏ آهي ته عام معافي جو اعلان ٿيڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو هٿيار ڦٽا ڪندا انهن لاءِ رياست جا دروازا کليل آهن