گاجي کهاوڙ ۾ شبيران کوسو کي ٻارن جي جهيڙي تان پٿر هڻي مارڻ جو اعتراف، 3 ڀائر گرفتار

0
108
گاجي کهاوڙ ۾ شبيران کوسو کي ٻارن جي جهيڙي تان پٿر هڻي مارڻ جو اعتراف، 3 ڀائر گرفتار
گاجي کهاوڙ ۾ شبيران کوسو کي ٻارن جي جهيڙي تان پٿر هڻي مارڻ جو اعتراف، 3 ڀائر گرفتار

قمبر/ گاجي کهاوڙ ( رپورٽ: رحيم منگي/ مدثر کهاوڙ) گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ رحمون کوسو مان 16 ڏينهن اڳ اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيل 6 سال جي شبيران کوسو جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ايس ايس پي قمبرڪليم ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگري شبيران کوسو کي 4 جوابدارن قتل ڪيو هو، 3 جوابدارن علي حيدر کوسو، خان محمد ۽ حبيب الله کوسو کي گرفتار ڪيو آھي

دادن کوسو روپوش آھي. هن چيو ته شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن نينگري کي پٿر هڻي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي، چارئي جوابدار پاڻ ۾ ڀائر آھن ۽ مقتول نينگري جي والد جا سئوٽ آھن، سندن چوَڻ آھي ته ٻارن جي ڳالهه تان نينگري کي پٿر هڻي قتل ڪيو ھو

ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته 8 مارچ تي نينگري گم ٿي هئي، 10 مارچ تي ان جو زمين مان لاش هٿ آيو هو، جنهن بعد جوابدارن جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي هئي نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪرائي جزا ليباريٽري اماڻيا آھن جڏھن ته نينگري سان ريپ ٿيو آھي يا نه شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن طرفان نينگري کي مارڻ جو اعتراف ڪيو آھي

جوابدارن جو چوڻ آھي ته اسان ريپ نه ڪيو آھي ليباريٽري مان رپورٽ اچڻ ۽ ڊي اين اي ڪرائڻ بعد معلوم ٿيندو ته نينگري سان زيادتي ٿي آھي يا نه ٿي آھي پريس ڪانفرنس دوران گرفتار ڪيل 3 جوابدارن کي پڻ آندو ويو جڏھن ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪيس جو فريادي مقتول نينگري جو چاچو جان محمد کوسو يا سندس ٻيا وارث موجود نه هئا