مذهب کان مٿانهين منهنجي سنڌ: سوشل ميڊيا به هولي جي رنگن ۾ رنگجي وئي: پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو

0
57

سوشل ميڊيا به هولي جي رنگ سان رنگجي وئي، سوشل ميڊيا تي هولي جون واڌايون ڏيڻ لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ پريا ڪماري جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان همت مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذھب کان مٿانهين منهنجي سنڌ، فطرت جي رنگن سان سرشار ٿيل سنڌو ماتا جي عظيم ۽ رنگين رسم (هولي) جي تهوار جون سڀني سنڌ واسين کي واڌايون هجن. جنهن تي ڪشور ڀاٽيا لکيو ته سنڌ صدين کان سيڪيولر رھي آ …اتي انتھا پسندي نه ڦهلائي وڃي، رنگن جو مذھب ناھي ھوندو، اھي ته پيار ۽ امن جو درس ڏين ٿا، ڊاڪٽر گرمک داس لکيو ته ڀٽائي ۽ ڀڳت ڪنور رام جي سيڪيولر سنڌ شال ھولي۽ عيد جي رنگن ۾ رنڱيل ھجي، اميت ڪمار، سنيل کيمچند، مهراڻ گهمرو لکيو ته سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ رنگن ڀري رات. ھولي ۽ بارات، ٻئي سھيليون سونھن جون. (شيخ اياز).انور علي شر لکيو ته تنھنجو اڊڙيل عشق ھجان، ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان، ھا ھا آءُ ھولي ٿيان. هرچند چئپال،جئي ڪمار ۽ ٻين به هولي جون واڌايون ڏنيون. محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رنگن جو ڪو به مذھب ناھي ھوندو سڀ رنگ پيار محبت جا رنگ ھوندا آھن ، ھند سنڌ سميت پوري عالم انسانيت  کي ھولي جون لک لک واڌايون…تلسي ڪمار اوڏ، اجمل داس، ليات چاچڙ، ٻلونت ڪمار، شهباز علي لغاري به هولي جون واڌايون ڏنيون. ماجد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زندگيءَ کي صِرف خوشيُون سُھڻو ناھن بڻائينديُون پر ھِت ڪيتريُون ئي اَھڙيُـون شيون آھن جيڪي زندگيءَ کي پُر رَونق ۽ جَاندار بڻائين ٿيُون. اُنھـن شَين ۾ جيڪڏھن رَنگن کي به شَامل ڪَجي ته زندگي صـرف خُوبصُورت نه پر رَنگن ڀَري شامَ بَڻجي پوي ٿي…..اصغر ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عيدون به پنهنجون ته، هوليون به پنهنجون ….

مان به  ماڻھو  تون  به ماڻھو، مٽي پنھجي ساڳي آ،

مون وٽ تنھنجو مان وڏو آ مذهب کان انسان وڏو آ.

الفت پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

‏عيد به ساڳي

ھولي به ساڳي

پاڻ ٻنھي جي ٻولي به ساڳي

مون وٽ تو لئي مان وڏو آ

مذھب کان انسان وڏو آ

بيبي باگڙي به هولي جي پوسٽ شيئر ڪئي، شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھولي جي ڏڻ جون سڀني ڀائرن ڀينرن کي واڌايون. اڪرام چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هولي کي مذهب جو لباس خبر ناهي ڪڏهن پهرايو ويو پر هي ڏڻ سنڌو تهذيب جا ماڻهو بهار اچڻ جي خوشي ۾ صدين کان ملهائيندا آهن. خير محمد ناريجو به هولي جون واڌايون ڏنيون، مير ڪنول پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان

هر پل ٿو هت ساھه منجهي

هن شهر جا سارا رنگ ڇڏي

ڪنهن چونري مٿان چنڊ ڏسان

دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان…هولي مبارڪ…

ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بهار مُند جي فطرتي حُسن سان مهڪندڙ سنڌ جي صدين کان قائم سڀيتا جي محبتن ۽ رنگن جي تهوار هولي جون واڌايون.

رات ۾ تارا ٿيون،

ڏينهن دل وارا ٿيون،

نيڻ چانڊوڪيون ٿين،

پاڻ وسڪارا ٿيون،

پاڻ ۾ سِينڍون وَڄن،

پاڻ ۾ مُکڙيون ٽِڙن،

پاڻ مان ڀاڪر ڦُٽن،

پاڻ ۾ جاڳي وطن،

روشني جو هانءُ ٿيون،

پاڻ گهاٽي ڇانءُ ٿيون،

وحشتن ۾ ڇو ٻَرون؟

زندگي جو نانءُ ٿيون،

ڪونجڙين ٽولِي ٿيون،

ڪا نئين ڇوليءَ ٿيون،

عشق جي ٻوليءَ ٿيون،

پاڻ اڄ هوليءَ ٿيون.( ايوب کوسو.) جنهن تي تنوير سنگهه سوڍا، نندلال لکيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏڻ جون اوهان کي به جَهجهيون واڌايون.اختر حسين لکيو ته سڀني سنڌ واسين جو هڪ ئي مطالبو سنڌ جي پريا ڪماري کي آزاد ڪريو، قربان علي ڀٽي لکيو ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ وسندڙ سناتن ڌرم جي دوستن کي بهار رت ۾ ايندڙ ھولي/ رنگولي جون واڌايون ھجن. سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

مٺڙا ماڻهون مٺي سندن ٻولي،

محبتي رنگن واري هولي،

ملهائين پيا مارُو منهنجي ديس جا. (س.چ) جنهن تي سجاد حسين لکيو ته ھولي جا رنگ امن، انسانيت پيار، پنهنجائپ، سونهن سچ ،ڀائيچاري سلامتيءَ ۽ محبتن جا رنگ آھن سنڌ ۽ ھند سميت پوري دنيا ۾ رھندڙ سڀني ھنڌو ڀائرن ۽ ڀينرن کي رنگن جو تھوار ھولي مبارڪ، عطاءُالله سومرو لکيو ته ھولي جا رنگ امن، انسانيت پيار، پنهنجائپ، سونهن سچ ،ڀائيچاري سلامتيءَ ۽ محبتن جا رنگ آھن رنگن ۽ روشنيءَ جو ڪو مذهب ناهي. سڄي دنيا جي امن پسند انسانن کي رنگن جو تھوار ھولي جون واڌايون، اياز ميمڻ لکيو ته

سائو نِيرو لال گُلابي اِنڊلَٺِي سَڀ رنگ لڳايون

رَنگارَنگِي رَنگَ مِلائي لمحا ڪي رنگين بڻايون

پيارَ جو رَنگِ لڳائي سڀکي نَفرَتون ھاڻي مِٽايون

دِلڙيون رَوِي ھاڻ مِلائي ھولِي جو تَھوار ملھايون

ديس ۽ پرديس ۾ رهندڙ سڀني پيارن ، مٺڙن دوستن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ھولي جون کوڙ ساريون واڌايون، يوسف جوکيو به هولي جون واڌايون ڏيڻ واري وڊيو شيئر ڪئي، حريف چانڊيو به هولي جون واڌايون ڏنيون، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان لفظ ”هندو“ ڀائر به نه لکندس نه وري ڪڏهن ائين لکيو آهي مان سدائين ”سنڌو تهذيب“ جا وارث لکيو آهي اهو لکندس ۽ اهو ئي درست آهي اسان جو هڪٻئي سان تعلق موهن جي دڙي جي مٽي ۽ نج سنڌيت وارو آهي. انڪري سنڌو تهذيب جي اصل وارثن کي هوليءَ جي تهوار جون واڌايون…. انسا سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سراپا سونهن  لڳندا  هن،  وطن  تي  رنگ  هوليءَ جا،

مونکي  تهذيب  لڳندا  هن،  ڳَلن تي  رنگ  هوليءَ جا…. دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

انڊس سولائيزيشن جي رنگن ڀري ڏينهن هولي جون واڌايون…اسد ممتاز رڏ به هولي جي پوسٽ شيئر ڪئي، منصور نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هولي جون واڌايون…. هاڻ سنڌ کي پريا ڪماري گهرجي، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

رَکيو  نه مير مَن ۾،

 دين ڌرم جو!!

هوليءَ جي،

رنگن ۾

 پاڻ ويڙهيو!

هي ساوا، پيلا،

 اڇا  ڳاڙهارنگ

 آهن مون لاءِ

محبوب  جيان!!

فتوائن، ڪروڌ،

نفرتن جي

ڪين آ پرواهه!!

من پنهنجو گلن جي

مٺاس  جيان!! (شانل کوسو) ڌرتي واسين کي هوليءَ جون شڀ ڪامنائون.

سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايشا کنڊ ۾ صرف سنڌ ئي آھي جتي جا سنڌي ھندو رمضان ۾ روزا رکي رھيا آھن ۽ سنڌي مسلمان رمضان ۾ ھولي ملھائي رھيا آھن..سڀنن کي ھولي جون شڀ ڪامنائون.. گلشن لغاري، ايڊووڪيٽ راءِ هريجن، ستارا تنيو، گل ميتلو، صنم چانڊيو، حڪيم زنگيجو، سارنگ جويو، عزيز راج به هولي جي پوسٽ شيئر ڪئي، جيسراڻي برما، فضل محمد به هولي جي موقعي تي پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو ڪيو، سورٺ سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هولي سنڌو تهذيب جو نج زرعي ۽ موسمي ڪلچرل تهوار آهي. ڪڻڪ لهڻ، لابارو پوڻ، گهر ۾ ان اچڻ، مٽر لهڻ، ٻيرن جو پچڻ ۽ ڌرتي جو گلن ڦلن سان رنڱجي وڃڻ واري موسمِ بهار  تي سنڌي ماڻهو پاڻ  کي ڌرتي ماءَ جيان رنڱي ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪندا هئا. ۽ هولي ملهائيندا هئا.  ‏سنڌي ماڻهو پنهنجي قديم ۽ عظيم ڪلچرل ڏهاڙي  ”هولي“ کي  ڀرپور انداز سان ملهائن ٿا . ‏سڄي عالم انسانيت کي ھولي ڏڻ جون ڪروڙين واڌايون.