مگر او سانورا پرين، چڱي نه خودڪشي ھئي!‎

 

ڪالھ شام جو ڪنھن واٽس ايپ گروپ ۾ لاحاصل محبت جي عنوان سان ھڪ ڪھاڻي پي پڙھيم، محبت ۾ مات کائيندڙ شخص چوي ٿو ته منھنجي محبت جنونيت جي حد تائين پھچي چڪي ھئي پر مون ۾ منھنجي محبوب جي معاشي حالتن ۾ ڏينھن رات جو فرق ھو، مون سوچيو ھو ته جيڪڏھن مون کي محبت نه ملي ته ڪارا ويس ڪندس، آپگهات ڪندس، ٻين کي ماريندس پر پنھنجي محبت ٻي ڪنھن جي ٿيڻ نه ڏيندس ۽ ھي اھي ڏينھن ھئا جنھن وقت آئون محبت ڪرڻ سان گڏ ڇتي بيروزگاريءَ کي منھن ڏئي رھيو ھئس. محبوب جي شادي ٿي رھي ھئي ذھن ۾ ڪيترن ئي خيالن جنم ورتو پر پاڻ کي سنڀالي ويس ته ھي آئون ڇا پيو ڪريان؟ محبت ته جيئڻ ۽ ٻين جي خوشين جو نالو آھي، مون لاءِ ڀلي دنيا ڪجهه نه ھجي پر آئون متان ڪنھن لاءِ پوري دنيا ھجان، اداسي ۽ آپگھات جا خيال ختم ڪري نئين سر مون زندگي جي شروعات ڪئي ۽ اھو سمجھي ورتم ته زندگي ٻين کي ارپڻ جو نالو آھي. محبتون ڪڏھن به ميلاپن جون محتاج ناھن ھونديون، ھي ته ھڪ معاشري جي ڪھاڻي ھئي پر ڪالھ ڳڙھي خدا بخش ۾ ارشد ڀٽي نالي فيسبڪ تي لائيو اچي پاڻ کي گولي ھڻي ڇڏي. سبب اھو ته سندس فيملي ميمبرن جو رويو ساڻس چڱو نه هو. ھي  پھريون ڀيرو ناھي ان کان اڳ ۾ به ھڪ شخص لائيو اچي آپگھات ڪيو ھو، سوچيان ٿو ته اسان جي نوجوانن کي ڇا ٿي ويو آهي جو انھن مان برداشت موڪلائيندي پئي وڃي، جو گلن جھڙي زندگي داءَ تي لڳائي ڇڏين ٿا. اسان جو اسان جي گھر جي ميمبرن سان اڻ وڻندڙ رويو اسان جي اندر ۾ نفرت جو ٻج ڇٽي ٿو، اسان نوجوان الائي ڇو اھو نٿا سمجھون ته اسان سان به الائي ڪيتريون زندگيون سلھاڙيل ھونديون آھن، اسان چريائپ ۽ جنونيت ۾ اچي ويڙھا ويران ٿا ڪري ڇڏيون. ارشد ڀٽا يار! تون ايئن نه ڪرين ھا، تون سماج لاءِ جئين ھا، تون پنھنجن لاءِ ڪجهه ٿي ڏيکارين ھا. آپگھات نه ڪرين ھا، صرف سعيد جون ھي سٽون پڙھين ھا ته فضول، بور، بي ڇسي ۽ ذليل زندگي ھئي مگر او سانورا پرين، چڱي نه خودڪشي ھئي.

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

 

لاڙ پنھنجي اصلي سڃاڻپ وڃائي ويٺو!‎

 

(حصو پھريون)

 

اڄ لاڙ جي عنوان سان شايع ٿيل پھرين قسطَ ۾ پاڻ سنڌ جو مُختصر ۽ اُبتو ۽ سُبتو سفر ڪري آخر اچي لاڙ ۾ رَسنداسين! ھن سفر جي شروعات پاڻ ٺٽي کان ڪندا آخر اچي ڪينجھر تي تَرسنداسين! سنڌ سموري سون آھي، سنڌ پنھنجي قديم پنج کان ست ھزار سال اڳ جي قديمي، تھذيبي، تاريخي ورثو ۽ سڃاڻپ رکي ٿي! سنڌ جتي ڪراچيءَ جھڙي دنيا جي اعليٰ ۽ روشنين جي شھر کي پنھنجي ڪُک مان جنم ڏنو آھي. اُتي سنڌ ٿر کي به سيني ۾ سانڍي رکيو آھي. ڪراچي سنڌ جي اولھ ڏِس ۾ آھي، جتان بلوچستان جون حدون شروع ٿين ٿيون، پاڻ ٺٽي کان ٿيندا ھاليجي، ڀنڀور کان پوءِ مورڙي ميربحر جو ديدار ڪري، قائدآباد کان سڌا اچي نيپا چورنگي کان ٽَرن ھڻي اچي اتر ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ ڪِرون ٿا، جتي پٺاڻن وڏا ديرا ڄمايا آھن، جنھن کان پوءِ سپر ھاءِ وي شروع ٿئي ٿو، ھاڻ پاڻ سُپر ھاءِ وي جو سفر ڪري رھيا آھيون، المنظر کان اڳ ٽُٽندا پاڻ ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان اُبتو رُخ ڪريون ٿا، پاڻ شڪارپور اڃا ٻي ڏس تي رھجي ويو آھي، پاڻ ڄامشورو ڪراس ڪندي وري ننڍڙي گولائي ھڻي لاڙڪاڻو به گٰھمي اچي واپس سيوھڻ ۾ ڪِرون ٿا. جتي ھڪ درويش ھَستي (عثمان مروندي) جو ديدار ڪندي پنھنجي روحَ ھالا طرف ڇڪ کاڌي آھي، جتي سنڌ جي عظيم مفڪر (لطيف سائين) جو ديدار ڪري حيدرآباد ۾ گھڻي گرمي آھي. ان ڪري پاڻ مٽياري کان نڪرندي وري اوڀر سنڌ جو رُخ ڪريون ٿا. ان کان اڳ اها ڳالھ به ڪندا ھلون ته، بقول (تاريخدانن جي ته ھن شھر مٽياري ۾ ڪنھن زماني ۾ ڪو درويش صفت انسان رھندو جيڪو روڊ تي پاڻيءَ جا مَٽ کڻي رکندو ھو جيئن اتان گُذرندڙ ماڻھو اُڃ اجھائي سگھن، تنھن وقت ۾ سهوتلون به گھٽ ھونديون ھيون، جنھن ڪري چيو ويندو آھي ته، مٽياري جو اصلو نالو “مَٽ ھاري” آھي) جنھن کي  ھاڻي شايد! زباني روانگي ۾ مَٽياري چئون ٿا، جتي سھڻي لطيف جي سلامي ڀريندي دو رَنگن دوست لاءِ به دعائون وٺندي ھاڻ پاڻ مٽياري جو مائو کائڻ  کان پوءِ ڏيڍا سڌا سفر ڪري پاڻ ميرپور خاص پھچي کيسي جو جائزو وٺندي ميرپوخاص جي مشھور بيڪرز جا ڪيڪ ۽ مٺائي کائي وري سانگھڙ ھلون ٿا. سانگھڙ جا سِيرا کائي ھاڻ پاڻ ابتا سبتا سفر ڪري سانگھڙ واري باءِ پاس کان مٺي، ٿرپارڪر جي روڊ تي چڙھون ٿا. رمضان جو ٻَڌو مھينو آھي ٿر جي پياسي واري کيپَريان کان سلام ڪندي ھاڻ پاڻ ٽنڊي الھيار جا باغ گھمندا جيمس آباد کان سڌا اچي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪرون ٿا. جتي شيخ ڀِرڪئي آچاري جو به ديدار ڪريون ٿا، وچ ۾ ذڪر ڪيل ضلعا ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار اوڀر سنڌ ۾ آھن ڇا؟ ٿوري ڪنفيوزيشن ته ٿئي ٿي پر ڀانيان ٿو ھي وچولي سنڌ ۾ اچن ٿا. پنھنجي نقطه نظر سان پاڻ ھنن کي اڌ لاڙ اڌ اتر ۾ ڇڏي اچون ٿا. ھاڻ واپس سجاول جي شھر دَڙي ۽ جھرڪن واري پُل کي سائيڊ تي رکي پاڻ سڌو بدين شھر جو رُخ ڪريون ٿا (جاري)

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

سنڌ ۾ بدامنيءَ جو راڄ ۽پوليس عملدارن جون ترقيون؟

 

گذريل ڏينهن هڪ پوليس کاتي جي خبر پڙھي جنهن ۾ لکيل هو ته ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ جي ادارتي پروموشن ڪميٽي يعني DPC جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ گهرو کاتي جي سيڪريٽري، ڊي آءِ جيز سميت ٻين اعليٰ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سموري سنڌ مان 106 سينيئر انسپيڪٽرز جا نالا ڪميٽيءَ سامهون پيش ڪيا ويا، ڪراچي سميت پوري سنڌ جي جي 91 سينيئر انسپيڪٽرز کي  ڊي ايس پي جي پوسٽ تي ترقي ڏني وئي، ترقي ڪندڙ سينير انسپيڪٽرز ۾ انسپيڪٽر لياقت حيات، ناصر آفريدي، حيدر محسود، عارف عثمان، عامر گل، انسپيڪٽر شبير احمد خان جن جا نالا آھن جيڪي رهجي ويا ۽ ڊي ايس پي جي عهدي تي ترقي نه ماڻي سگهيا تن ۾ انسپيڪٽر اورنگزيب خٽڪ، طارق رحيم، حاجي نديم، فياض خان ۽ رهجي ويلن سينيئر انسپيڪٽرز کي ايندڙ ادارتي پروموشن ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪري غور ڪيو ويندو. سنڌ هڪ وڏي ڊگهي مدي کان بدامنيءَ جي راڪاس کي منهن ڏيندي آئي آھي، انساني سماج ۽ نفسيات جي ڄاڻو ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڏوهن جي شرح بلڪل به ٻڙي تي نٿي ڪرائي سگهجي. باقي ڏوھن تي ضابطو مڪمل طور رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي جيئن ڏوھ گهٽ ۾ گهٽ ٿين. ان لاءِ عمرانيات جي اصول موجب عام شهرين تائين قانوني ڏوھ جي سزا کي محسوس ڪرائڻ ۽ Rule of law  جي تشهير ۽ ان تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آھي. جنهن سان عملي صورت ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، نڪي ڏوھ کي مڪمل ختم ڪرڻ. ڏوھ انساني سماج ۾ پيدا ٿيندو رهندو، قانون جي لتاڙ ڪري نه پر انساني سماج ۾ ويٺل قانون جي گهٽ خوف ۽ Rule of law جي ڄاڻ نه هجڻ يا ان تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڏوھ جنم وٺي ٿو. مٿين پوليس آفيسرز جي ترقيءَ واري خبر جيان ساڳي ڏينهن تي فقط هڪ ڏينهن جون ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ ڏوھ جي وارداتن جون خبرون هيٺين ريت پڻ آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻي  ڊويزن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، 40 کان وڌيڪ ماڻھو ڀنگ لاءِ قيد، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل. سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعن ۾ امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب، ماڻھو ڏوھ ۽ اغوائن سبب خوف جو شڪار. پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھڻ لڳا. ٽنڊو محمد خان ۾ هٿياربندن هٿان واري يرغمال، ڏھ لک رپيا ڦر، قمبر شهر مان شوروم تان چوڪيدار يرغمال 2 ٽريڪٽر ڦر، تگواڻيءَ ۾ استاد بدامنيءَ سبب ڊيوٽيءَ دوران هٿيار کڻي هلڻ تي مجبور (جيڪو بعد ۾ شهيد ڪيو ويو). سکر مان اغوا ٿيل ٻار جي وارثن پاران 163 ڏينهن به احتجاج، سکر آءِ بي اي جي ٽن شاگردن کان ڦر جي واردات، ڪراچي پوليس جو ٻيو ڌاڙو ظاهر، واپارين کان هڪ ڪروڙ  18 لک رپين جي ڦر. ايس ايڇ او ۽ چار اهلڪار گرفتار، اهڙي نموني ٻيون به ڪيتريون ئي وارڌاتون پڻ رپورٽ ٿيون آھن. (جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي

 

معاشري ۾ وڌندڙ آپگھات!

 

آئون چند ڏينھن اڳ ھڪ بيروزگار دوست سان ملڻ ويس، گھڻي ڪچھري بعد اسان جو آخري موضوع سماج ۾ وڌندڙ آپگھاتن جا ڪارڻ ڪھڙا آھن رهيو، اسان انھن تي سوچي رھيا ھئاسين ته دوست مون کان پڇو ھر روز ڳڀرو نوجوان پنھنجي زندگي جو انت ڇو ٿا آڻين؟ مون چيو ان جا انيڪ سبب آھن، ھڪڙو ته معاشري جو بحران نوجوانن کي پنھنجي گرفت ۾ جڪڙي رھيو آھي، ٻيو محبت ۾ ناڪامي ۽ ٻيا به ڪيترا نوجوان جذبات ۾ اچي وقت کان اڳ وڇوڙن جي ور چڙھيو وڃن. ھاڻ ته نوجوان مهانگائي واري دور ۾ والدين جي موبائيل موٽر سائيڪل يا ڪا من پسند شيءِ نه وٺي ڏيڻ تان به زندگي جو انت آڻين ٿا، مطلب ھاڻ آپگھات ھڪڙو لاڙو يا رجھان بڻجي ويو آھي. ٻيو وڏو الميو اھو آھي ته سوشل ميڊيا تي اسان جا پڙھيل لکيل اديب دوست صحافي ان کي وڌيڪ اوليت ڏئي فيس بڪ سميت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمـن تان انھن کي اھميت ڏين ٿا ته نوجوانن ۾ اھو لاڙو وڌي ٿو ته فلاڻو خودڪشي ڪري سگھي ٿو ته آئون به ڪري سگھان ٿو ۽ پوءِ ننڍڙي ننڍڙي ڳالھين تان ھو موت جو جام پيو وڃن. حڪمرانن جي لاڳيتو خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ جو 70 سيڪڙو نوجوان بيروزگار آھي ۽ جيڪي 30 سيڪڙو روزگار سان لڳل آھن، انھن جي انڪم ايتري آھي جو ھو ھن مهانگائي واري وقت ۾ گھر جو خرچ ڏکيائيءَ سان پورو ٿا ڪن، انھن سڀني مسئلن کان آجا ٿيڻ لاءِ ھنن وٽ آپگھات ئي ھڪڙو رستو بچندو آھي، ڇو ته اسان آپگھات کي ايترو ننڍڙو ۽ سولو بڻائي ڇڏيو آھي جو ھر ماڻھو آپگھات کي رومانس سمجھي ٿو. منھنجي دوست جا به ويچار ساڳيا ھئا ته ھن ذلت واري زندگيءَ مان تنگ ٿي پيا آھيون ۽ آپگھات ۾ رومانس آھي ۽ بيروزگاري واري زندگي کان آجا ٿي پونداسين پر منھنجا دوست! اھي جذباتي فيصلا اوھان سان گڏ انھن والدين کي به اوھان سان گڏ فنا ڪري ڇڏيندا آھن جن جي اکين ۾ اوھان لاءِ موڙ ٻڌڻ وارا خواب اڻيل هوندا آھن. اسان جو معاشرو انتھائي اونداھي واري دور ڏانھن ڌڪجي چڪو آھي اچو ته سڀ گڏجي ھن معاشري کي بچايون ۽ پنھنجو پنهنجو فرض ادا ڪريون.

سجاد يوسف پنھور/ بدين

 

وڃايل وجود ڪڏھن موٽندا؟‎

 

سنڌ جي ڌرتي قدرتي طور هڪ عظيم ۽ شاهوڪار سرزمين آهي، جنهن تي امن جا پکي اڏامندا هئا، جنهن تي حويلين ۾ قيد بيوس عورتون آزاديءَ سان هوا ۾ گهمنديون هيون، جنهن ڌرتيءَ تي کير، مکڻ ۽ ماکي جون نديون وھنديون  هيون، جيڪي ڀٽائي گھوٽ کي پنهنجو مرشد ۽ وارث ڪوٺي ٿي، ماضيءَ جي حڪمرانن هڪ ٺڳي سازش تحت انهيءَ قوم سان ظلم ڪيو ۽ وقت جي حڪمرانن انهن بڇڙن ڪمن ۾ ملوث ادارن کي سياسي مدد ڏني جن ساڻ ويتر ماحول خراب ڪري ڇڏيو آھي. موھن سميت ڪيترائي وجود بنا سبب قيد ڪري مختلف جڳھن تي رکي کين اذيتون ڏنيون پيون وڃن ۽ ڪٿي لاش ڏنا پيا وڃن، ان آس جي بيچيني ڇانيل آھي ته من ڪو ھو گھر اچن پر اھا اميد اسان جي سياسي ڀوتارن جي آسري رکي ويٺل سندن گھر ڀاتي ته من ڪو سهڪار ڪري، انھن ڌرين سان ڳالھائي گم ٿيل سندس وجودن جي بازيابي ۾ مدد ڪري. چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، انساني حقن جون تنظيمون، عورتن جي ڀلائي وارو کاتو، ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارا، وزير اعليٰ سنڌ، گھرو کاتي جي وزير، صدر پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، آرمي چيف سميت اعليٰ عملدارن کي نماڻي گذارش ٿي ڪجي ته موھن ميگھواڙ، فضيلا سرڪي، پريا ڪماري سميت سنڌ مان گم ڪيل سڀنمي وجودن، سنڌ جي قومپرستن، سميت جن تي ڪيس ھجن ته کيسڌن ڪورٽن ۾ آڻي ڪيس ھلايا وڃن، جيڪي بيگناھ قيد ڪيل آھن انھن جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪو ھر پاڪستاني جو آئيني حق آھي.

 

عبدالغني “عبد” آريسر/ عمرڪوٽ