TECH- TALK … ورچوئل ريئلٽي يا “خيالي حقيقت” ۽ اُن جو استعمال

0
118
TECH- TALK ... ورچوئل ريئلٽي يا “خيالي حقيقت” ۽ اُن جو استعمال

 Virtual Reality  هڪ خيالي حقيقت جو نالو آهي، جنھن ۾ انسانن کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته اسين پنھنجي چوڌاريءَ جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا، اهو حقيقت ۾ موجود آهي پر حقيقت ۾ اهو سڀ خيالي دنيا جو وجود ھجي ٿو. اهڙي خيالي دُنيا، جنهن جو وجود ڪمپيوٽر ڊيوائس جي مدد سان رکيو وڃي.

                  VR هڪ ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي آهي، جيڪا هڪڙو خيالي ماحول پيدا ڪري تصوير کي 360 ڊگري جو ڏيک ڏئي ٿي. اهڙي قسم جي ماحول ۾ هر شيءِ 3D  ۾ ٺاهي ويندي آهي ته جيئن استعمال ڪندڙ اُن ڪمپيوٽر ذريعي ٺاهيل خيالي دنيا مان حَقيقت جو لُطف حاصل ڪري سگهن.

                 اسان جي چوڌاريءَ ڪيتريون ئي مشغوليون آهن، جن تي حقيقت ۾ تجربو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي يا وري اُهي مشغوليون گهڻو ناڻو طلب ڪن ٿيون. اهڙي قسم جي حقيقتن کي هر ماڻھوءَ تائين پڄائڻ لاءِ computer device ذريعي VR جو استعمال عام ٿي ويو آهي.

ڪنهن کي به VR جي ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ عدد ڪمپيوٽر ڊيوائس سان گڏ headset يا وري ڪنهن هيلميٽ جي ضرورت پوندي آهي. اهڙو headset پائڻ کانپوءِ اسان جون اکيون VR کي براه راست ڏسي سگهنديون آهن.

اهڙو headset پائڻ کانپوءِ اسان کي ڪمپيوٽر ڊيوائس ذريعي جنهن به قسم جي ماحول جو تصور ڏيکاري سگهجي ٿو، اهو تصور ڪنهن راند جو گرائونڊ به ٿي سگھي ٿو، اهو تصور ڪنهن مشهور ملڪ جي صدر جو ذاتي گهر به ٿي سگھي ٿو،

ڪنهن راڻيءَ جي محل جو اندريون ڏيک به ٿي سگھي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته اهڙي خيالي ماحول کي جنم ڏجي، جيڪو ڪڏهن حقيقت ۾ موجود ئي نه هجي.

اهڙي قسم جي VR جنھن کي اسين ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيل ماحول چئون ٿا، اِھا ٽيڪنالاجي وڏين وڏين  گهڻ قوميائي ڪارپوريشنس جي virtual meetings جو ذريعو به آهي.

 VR وڏن وڏن فاصلن کي ننڍو ڪري ڏيکاريو آهي. VR جي ٽيڪنالاجي ٻين وڊيو ٽيڪنالوجين کان وڌيڪ جديد آهي. انهيءَ ذريعي ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان رابطو وڌيڪ آسان ٿئي ٿو.

جديد VR ٽيڪنالاجي جديد gaming جو هڪ اهم حصو آهي. جنهن جي ذريعي ڊجيٽل gaming دُنيا جي digitalized ٿيڻ جي ريس ۾ هڪ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. VR

جي مدد سان تعليم جي ميدان ۾ به وڏيون تبديليون اچي سگهن ٿيون. اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ دور ۾ VR computer ٽيڪنالاجي سڄي دُنيا جي ٽيڪنالاجي تي راڄ ڪري ۽ ڪو به جديد ڪم انهيءَ کانسواءِ اڻپورو ھجي.

[email protected]