تاريخ- هڪ مقتل گاهه

0
146
تاريخ- هڪ مقتل گاهه

 تاريخ هڪ وڏي مقتل گاهه آهي، جنهن ۾ زرخريد مورخن جي قلم جي ضربن سان زخمي ٿيندڙن جي هڪ وڏي قطار آھي۔ ان رسم ستمگريءَ کي هڪ ڀيرو نه پر هر دور ۾ زنده ڪيو ويندو آھي ۽ ڪٽرپڻي جو اهو سلسلو هر پيڙھيءَ تائين منتقل ٿيندو آيو آھي۔ دشمنيءَ جي باهه، ان جي تپش ۽ ڄريءَ ۾ ورتل وحشي درندن جي دلين ۾، بدحواسيءَ جي عالم ۾،  تلوار ۽ خنجر جي نوڪ سان جسمن کي قتل ڪري، گهوڙن جي سنبن سان چٿڻ کان پوءِ به بغض جي ڀڙڪندڙ باهه ٿڌي ڪانه ٿي۔ سندن دليون نه ٺريون۔ هڪ قدم اڳتي وڌي ڪردارڪش قلم جي نشتر سان اذيتون ڏيئي گهائل ڪرڻ ۽ نسل در نسل ان دشمنيءَ کي رت ۾ منتقل ڪري، هر ٽهيءَ جي سوچن ۾ سفاڪي ۽ درندگيءَ جو ٻج پوکڻ هڪ منصبي فرض بڻجي ويو۔ تاريخ جون اهي مايه ناز هستيون, جن جي سينن ۾ علم جا درياه موجون هڻي رهيا هئا، انهن سينن ۾ زهر اوتي علم ۽ دانش جي درسگاهن کي بند ڪيو ويو. جن جي زبان جي وهڪري مان وهندڙ فصاحت ۽ بلاغت جي سمنڊ جون لهرون، سڪون قلب جي تازگي ڏيئي رهيون هيون، انهن کي زبان بنديءَ جي شاهي فرمانن سان، قيد ۽ بند ۾ اذيتناڪ انداز ۾ تڙپائي تڙپائي ماريو ويو ۽ سندن جنازا زندانن مان نڪرندي تاريخ پنهنجي اکين سان ڏٺا۔ جن جا عظمتن وارا اوچا ڳاٽ هئا، انهن جا ڪنڌ ڪپي نيزن جي نوڪن تي اڀا ڪري، اهو پيغام ڏنو ويو ته، “چلي هي رسم، نه ڪوئي سر اٺا ڪي چلي!” جڏهن ايتري بربريت کان پوءِ به بيگناهن جي رت قاتلن جا پيرا کڻڻ شروع ڪيا ته قلم جي هر جنبش تي وڏا واڪ هڻي، ضميرن جي منڊين ۾ ذھن خريد ڪري، سندن قلمن هٿان باضمير هستين جي ڪردار کي ڪٺو ويو۔اهو مشاهدو آھي ته تاريخ جو قلم گهڻو ڪري اهڙن هٿن ۾ رهيو آھي، جن تاريخ جي رخن کي عالم پناهن جي جنبش نظر ڏانهن موڙي، جابر بادشاهن جون درباري مثنويون لکي، شاهي لقب تمغا ۽ جاگيرون حاصل ڪيون، انهن کي درياه دجله جي حوالي ڪيو ويو, انهن لکارين ۽ عاشقن کي زنده ديوارن ۾ دفن ڪيو ويو۔ سندن ڪپيل سرن جا مينار ٺاهي، چوراهن تي لٽڪائي عبرت جا نشان بڻايا ويا۔ صدين تائين ويڪائو خطيبن، سرِ منبر سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڀلن انسانن کي ڪريل لفظن جو خراج ڏنو۔ جيڪي تلوار، تير، تبر ۽ خنجر سان ڪسڻ جي باوجود مري نه سگهيا ۽ انساني دلين تي راڄ ڪرڻ لڳا، انهن کي تاريخ جي قهري قلم سان ڪهڻ جي مهم لڳاتار جاري آهي. تاريخ جي افق تي چمڪندڙ ستارن جي نوراني صورتن کي مسخ  ڪرڻ لاءِ سڀ قلمي نسخا ڪتب آندا پيا وڃن۔ سندن ڪردارن کي ورجائي ورجائي، قلم جي مڏي نوڪ سان اذيتون ڏيئي، تڙپائي تڙپائي قتل ڪيو پيو وڃي۔ هي تاريخ جي مقتل گاهه جا بي درديءَ سان پائمال ٿيل مقتول آھن، جن کي هر دور پنهنجي بي رحم روين سان چٿيو آھي. اهي هر ذھن لاءِ سندن ذھنيتن مطابق ڌار ڌار عنوان آھن ۽ تاريخ جي مقتل گاهه ۾ ھر هڪ بي سروسامانيءَ جي حالت دعوت توجهه ڏيئي رهيو آھي ۽ هر عنوان دعوت فڪر ڏيئي رهيو آھي پر ان جو ادراڪ اهو ئي ڪري سگهي ٿو، رقيق القلبيءَ جي جذبي سان سرشار هوندو۔ جيڪو زماني جي آوارگي اثرات سبب بي راه رويءَ جو شڪار ٿي فرار جو رستو نه ڳوليندو پر بنا ڪنهن متڀيد جي هر دردمند واقعي تي درد دل کي محسوس ڪري پنهنجي اندر ۾ وڍ محسوس ڪندو ۽ ايئن ڦٿڪندو، جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر بيچين هوندي آھي۔