نوان بحث ڇيڙيندڙ ٻه “اهم انٽرويوز”

0
130
نوان بحث ڇيڙيندڙ ٻه “اهم انٽرويوز”

 عام طرح اسان جي اعليٰ عدالتن جا جج، اعليٰ آفيسر يا جنرل رٽائر ٿيڻ کانپوءِ خاموشي اختيار ڪري پس منظر ۾ هليا ويندا آهن ۽ اهي جيڪي به ڌنڌا، ڪارناما ۽ ملڪ جي جيڪا به ٻيڙي ٻوڙي ويندا آهن، تنهن جو ڪو حساب ڪتاب يا ڪو پڇاڻو وغيره انهن کان نه ٿيندو آهي، بس ائين لڳندو آهي ته اهي ڪي هن ملڪ جي اعليٰ عهدن تي رهيا ئي نه هئا ۽ انهن ڪي انتها ئي وڏا غلط فيصلا يا عمل ڪيا ئي نه هئا. پر جنرل باجوه رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به خاموش نه آهي ۽ وقت به وقت مختلف صحافين کي انٽرويوز ڏئي رهيو آهي. جنهن تي ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا ۾ وڏي پئماني تي بحث پڻ هلي رهيا آهن. وري ساڳئي وقت پاڻ انهن انٽرويوز کان انڪار به ڪري رهيو آهي. مطلب هڪڙي پاسي انٽرويوز ڏيڻ ۽ وري ٻئي پاسي انهن انٽرويوز کان انڪار ڪرڻ به ڄڻ ته ڪنهن حڪمت عملي جو حصو ٿا لڳن. ويجهڙ ۾ جنرل (ر) باجوه تقريبن چار کان وڌيڪ انٽرويوز ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻه انٽرويوز نامياري صحافي جاويد چوڌري کي ڏنا، جنهن تي هن هڪ 9 فيبروري تي مضمون لکيو ۽ ٻيو ان کانپوءِ. جاويد چوڌري کانپوءِ هن وري شاهد ميتلا کي انٽرويو ڏنو، جنهن جو پهريون حصو 20 مارچ تي “نيا دور” ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته ٻيو حصو وري 23 مارچ تي “پاڪستان 24” ويب پيج تي شايع ٿيو. انهن سڀني انٽرويوز ۾ جيڪي مضمونن جي صورت ۾ اسان آڏو اچي چڪا آهن، قمر جاويد باجوه جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي گهڻي قدر عمران خان کي ڪهڙي طرح آندو ويو، عمران خان سان معاملا ڪيئن ٺهيا، ڪيئن خراب ٿيا، وري انهن جي وچ ۾ ڪهڙن صحافين کي عمران خان جي حمايت ۾ لاٿو ويو ۽ ڪهڙي طرح عمران خان جي مخالفت ڪندڙ صحافين کي ڀت سان لڳايو ويو، انهن کي ادارن مان ڪڍرايو ويو، انهن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، انهن تي حملا ٿيا. وري ان سان گڏ ڪهڙي طرح پي ڊي ايم، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ نواز شريف سان رابطا ٿيا. جنرل فيض حميد ۽ سندس اداري ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻين ججن ڪهڙي طرح اسان سان گڏجي عمل ڪيا وغيره. قمر جاويد باجوه جنهن قسم جون ڳالهيون ڪيون آهن يا هن آرمي چيف جي حيثيت ۾ جيڪي عمل ڪيا، اهي سڀئي عمل اسان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪي صفا نوان ۽ پهريون دفعو نه ٿيا آهن پر انهن سان اسان جي پوري تاريخ ڀري پئي آهي، خاص طور تي جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياءُ الحق، جنرل مشرف ۽ ٻين جا مثال اسان آڏو وڏن حوالن، دليلن ۽ ثبوتن سان موجود آهن ۽ خود جنرل باجوه آرمي چيف جي حيثيت ۾ 25 نومبر 2022ع تي “يوم شهداء” جي پروگرام کي خطاب ڪندي اعتراف ڪيو ته فوج تي تنقيد ان ڪري به ٿيندي رهي آهي، جو ادارو گذريل ستر سالن کان سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي پر هاڻ اداري فيصلو ڪيو آهي ته اهو غير جانبدار رهندو.

جنرل (ر) باجوه جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ جنهن حساب سان اهي مضمونن جي صورت ۾ اسان جي سامهون آيون آهن، تن مان اسان آساني سان اندازو ڪري وينداسين ته اسان وٽ ملڪ گير وڏيون سياسي پارٽيون، انهن جا اهم ۽ مرڪزي اڳواڻ، ميڊيا جا وڏا ادارا، وڏا ناليوارا صحافي، سپريم ڪورٽ جا ججز، جنرلز، اعليٰ آفيسر ڪهڙي طرح پاڻ ۾ ملي هم صلاح ٿي، پاڻ ۾ فيصلا ڪري مڙهيندا آهن ۽ هيڏانهن اسان عوام سان جمهوريت، آئين ۽ قانون، قومي اسيمبلي، سينيٽ، آئيني ادارا، صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ انهن جي اختيارن جي حوالي سان هڪ وڏو ڊرامو گذريل 75 سالن کان جاري آهي ۽ ائين محسوس ڪرايو ويندو آهي ته سڄي ملڪ جو وهنوار ان نظام، آئين ۽ قانون مطابق هلي رهيو آهي.

هاڻي اچو ته ان جنرل صاحب جي انٽرويوز جو جائزو وٺون، جيڪو پنهنجي عهدي تي مقرر هوندي هر پل ۽ هر وقت دعويٰ ڪندو رهيو ته آئون پنهنجو فرض آئين ۽ قانون مطابق ادا ڪندو رهيس ۽ هاڻي هُو جيڪي ڳالهيون ۽ اعتراف ڪري ٿو. ڇا واقعي سندس اهي سڀئي عمل ۽ فرض آئين ۽ قانون مطابق هئا؟

عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جنرل باجوه شهباز شريف سان مليو ۽ ان ميٽينگ بابت هاڻي ڪهڙو اعتراف ڪري رهيو آهي، تنهن حوالي سان جنرل صاحب چئي ٿو ته، “ڏهه اپريل تي عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف سان ملڻ ويس. هن کان پڇيم ته توهان جو حڪومت ڪرڻ جو ڪهڙو پلان آهي؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته ٻه ٽي قانون ٺاهي ڪري چئن ڇهن هفتن ۾ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيندس. مون به چاهيو پئي ته چونڊون ٿين. ايندڙ حڪومت فريش مينڊيٽ سان فيصلا ڪري، پر آءِ ايس آءِ جي ماڻهن سان ڳالهه ٿي ته انهن چيو مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري چاهين ٿا ته حڪومت ڏيڍ سال پورو ڪري.” ان مان آساني سان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اسان وٽ سياسي پارٽيون ۽ ادارا ڪهڙي طرح پاڻ ۾ ملي ڪري فيصلا ڪن ٿا، جنهن جو اظهار اسان وٽ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي جي نالي ۾ ٿيندو آهي.

آئين ۽ قانون مطابق چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ ان کي هر حال ۾ پنهنجو اهو فرض پورو ڪرڻ گهرجي، پر اسان وٽ اهو فرض ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن ادا ٿيندو آهي؟ تنهن حوالي سان جنرل صاحب پاڻ چئي ٿو ته، “جنرل فيض 10 اپريل کانپوءِ مون کي مسلسل ٻه شيون چوڻ شروع ڪيون. هڪ ته توهان چونڊون ڪرائي وڃو ۽ ٻيو عمران خان توهان سان ملڻ چاهي ٿو، هن سان ملاقات ڪريو. 9 مئي تي شهباز شريف ۽ ملڪ احمد خان منهنجي گهر آيا ۽ چيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪ احمد چوڻ لڳو ته مون اليڪشن ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن وارا مردم شماري ۽ حلقا بنديون 5 آگسٽ تائين مڪمل ڪري ڇڏيندا. ائين اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ٿي ويو ۽ پي ٽي آءِ وارن کي آگاهه ڪيو ويو ته لانگ مارچ جو اعلان نه ڪريو. ان کانپوءِ شهباز شريف لنڊن هليو ويو. 19 مئي تي ملڪ احمد خان هڪ دفعو ٻيهر منهنجي گهر آيو ۽ هن ٻڌايو ته نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته اسان اليڪشن ڪرائي رهيا آهيون، سڀاڻي شهباز شريف استعيفيٰ ڏيندو. شهباز شريف عرفان صديقي کان اختتامي تقرير پڻ لکرائي ورتي هئي. شهباز شريف کي 20 مئي تي استعيفيٰ ڏيڻي هئي. اڃا ملڪ احمد خان مون وٽ ويٺو ئي هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم به اچي ويو. هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف سڀاڻي استعيفيٰ ڏئي ٿو ته 25 مئي تي قطر ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪير ڪندو؟ حڪومت کي درخواست ڪريو ته 10 ڏينهن کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ته جيئن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي وڃن. ڊي جي آءِ ايس آءِ نواز شريف سان ڳالهايو ۽ نواز شريف سندس ڳالهه قبول ڪئي. اها ڳالهه ڊي جي آءِ ايس آءِ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ سان ڪئي ۽ چيو ته توهان لانگ مارچ جو اعلان نه ڪريو، پر انهن ٽنهي چيو ته عمران خان نٿو مڃي. عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شام جو ليگي قيادت مون وٽ آئي ۽ انهن چيو ته هاڻي اسان عمران خان جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪنداسين. ٻئي ڏينهن شاهه محمود قريشي کي چيم ته توهان حڪومت سان ويهي ڳالهيون ڪريو. پر هن چيو ته عمران خان نٿو مڃي ۽ هو سڀ کان پهرين شهباز شريف جي استعيفيٰ چاهي ٿو. مون چيو ته توهان وٽ اڪثريت ناهي، حڪومت هلي وئي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪير ڪندو؟ لانگ مارچ ناڪام ٿي ويو، ان کانپوءِ مون پنهنجو هيلي ڪاپٽر موڪليو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين چڙهي اچي راجا پرويز اشرف، اياز صادق ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون، پي ٽي آءِ جو هڪڙو نقطو هو ته اليڪشن جي تاريخ ڏيو ۽ راجا پرويز اشرف چيو ته توهان پهرين پارليامينٽ ۾ اچو. اهڙي ريت اهي ڳالهيون ناڪام ويون.”

شاهد ميتلا لکي ٿو ته مون پڇيو ته 17 جولاءِ جي چونڊ توهان پي ٽي آءِ کي کٽرائي هئي؟ جنهن جي جواب ۾ جنرل (ر) باجوه چيو، ”ته نه. اڄ ڪلهه هونئن به اليڪشن جي ڏينهن گڙٻڙ نه ٿيندي آهي، ان جي پهرين مينجمينٽ ٿيندي آهي.“ يعني اليڪشن هڪ ڏيکاءُ هوندو آهي، ڪير وزيراعظم ٿيندو؟ ڪهڙي پارٽي کي حڪومت ڏني ويندي؟ اهو سڀ اليڪشن کان اڳ مينيج ٿيندو آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه ڏينهن پهرين شهباز شريف چئي چڪو آهي ته مون 2018ع ۾ وزيراعظم ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ عمران خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو.

شاهد ميتلا لکي ٿو ته مون پڇيو ته 63 اي وارو فيصلو توهان جسٽس عمر عطا بنديال کان ڪرايو هو؟ جنرل باجوه چيو ته، “نه. عمر عطا بنديال هڪ ڪمزور شخص آهي، دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو آهي. جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب جسٽس عمر عطا بنديال تي غالب اچي ويا. اهو فيصلو انهن ٻنهي ڪرايو. جسٽس منيب فيصلو لکيو، اهو فيصلو غلط هو. آئين جي خلاف هو. ججن کي به خبر آهي ته اهو فيصلو غلط آهي، اهي فيصلو ريورس ڪرڻ به چاهين پيا پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي طرح ريورس ڪن.” مون پڇيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جا حامي جج به آهن؟ ان تي هن چيو ته، “بلڪل ائين آهي. ڪجهه ججز پي ٽي آءِ جا حمايتي آهن، ججن جو گهر واريون ۽ خاندان جا ٻيا فرد تحريڪ انصاف کي پسند ڪندا آهن ۽ اهي به ججن جي فيصلن تي اثرانداز ٿين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ جج تمام گهڻو ڊڄڻا آهن، تمام گهڻو ڊڄي فيصلا ڪندا آهن. ٽڪ ٽاڪ کان ڊڄي فيصلا ڪندا آهن، تحريڪ انصاف جي حق ۾ به جج ڊڄي فيصلا ڏيندا آهن. ٽڪ ٽاڪ تي بي عزتي وائرل ٿي وڃي ته دٻاءُ وڌي ويندو آهي.” ملڪ جي اعليٰ عدالت ۽ انهن جي معزز ججز صاحبان جي باري ۾ ڇهن سالن تائين آرمي چيف رهندڙ جنرل باجوه جو تبصرو يا تجزيو پڙهي شايد ڪو حيران ٿي وڃي!

شاهد ميتلا لکي ٿو ته مون پڇيو ته عمران خان کي بني گالا ڪيس ۾ نااهلي کان توهان بچايو؟ هن جواب ڏيندي چيو ته، “هڪ ڏينهن جنرل فيض مون وٽ آيو ۽ هن چيو ته بني گالا ڪيس ۾ عمران خان جا ڪاغذ مڪمل ناهن، هو نااهل ٿي ويندو، ته ڇا ڪيو وڃي؟ جسٽس ثاقب نثار به چئي ٿو ته جيڪڏهن عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ته باقي ڪير بچندو، ملڪ کي به هلائڻو آهي! مون به چيو ته عمران خان کي نااهل ڪن ٿا ته وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ عمران خان نااهلي کان بچي ويو ۽ هن جي بدلي جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏنو ويو.” انهن فيصلن متعلق ئي چئبو آهي ته اهي ‘آئين’، ‘قانون’ ۽ معزز ججز صاحبان جي ‘ضمير’ مطابق ٿيل آهن ۽ تاريخ ۾ انهن کي ضرور اهڙو گهربل مقام ملندو ۽ ملي رهيو آهي.

شاهد ميتلا وڌيڪ لکي ٿو ته، “جنرل باجوه چيو ته شهباز شريف کي وزارت عظميٰ ۾ مزو اچڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ جنرل فيض ٻيهر مون وٽ آيو ۽ چيائين ته عمران خان سان هڪ دفعو ٻيهر ملي وٺو ۽ صدر عارف علوي به مون کي بار بار عمران خان سان ملڻ جو چئي رهيو هو. آئون ايوان صدر ويس. عمران خان مون سان سٺي طريقي سان مليو ۽ ائين لڳو ته هن کي مون سان ڪا شڪايت ناهي. منهنجو خيال هو ته هُو گلا ڪندو، پر هُو نارمل هو، آئون هن جي منافقت تي حيران هئس، ڇو ته عوام ۾ هُو مون تي ڀرپور تنقيد ڪندو هو. مون چيو مون کي توهان مير جعفر ۽ مير صادق چئو ٿا؟ عمران خان بلڪل انڪار ڪندي چيو ته اهو آئون نواز ۽ شهباز کي چوندو آهيان. پوءِ چيائين ته توهان هن جي حڪومت کي ڪرائي ڇڏيو ۽ انهن کي گهر موڪلي ڇڏيو. مون چيو ته توهان اسيمبلي ۾ ئي نه آهيو، حڪومت ٻن سيٽن تي بيٺي آهي، توهان اسيمبلي وڃو، توهان کي فائدو ٿيندو.” مون پڇيو ته توهان عمران خان کي پلي بواءِ ڇو چيو؟ جنهن تي جنرل باجوه چيو ته، عمران خان سان جڏهن ٻي ملاقات ٿي ته آئون وڏي چڙ ۾ هئس. ڇو ته هُو مسلسل منهنجي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. مون عمران خان کي چيو توهان پنهنجي زبان کي ڪنٽرول ڪريو ۽ پنهنجن ڪوڙن کي لغام ڏيو، نه ته مون وٽ به ڳالهائڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. ان تي عمران خان چيو توهان ڇا ڪندا؟ تنهن تي مون چيو ڇا توهان پلي بواءِ نه رهيا آهيو؟ توهان جون ويڊيوز به موجود آهن، جيڪڏهن زبان بند نه ڪئي ته پوءِ شڪايت نه ڪجو. اهڙي طرح اها ملاقات به اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ ختم ٿي.” جنرل صاحب تمام گهڻو مختصر پر جامع ڳالهائيندو آهي ۽ هُو جيڪو ڪجهه ڳالهائيندو آهي، ان جو خاص پس منظر هوندو آهي اميد ته اسان به سندس ڳالهيون يا اعتراف ان خاص پس منظر ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪنداسين ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي “بقا” لاءِ جنرل صاحب جيڪي “ڪارناما” سرانجام ڏنا، تن کي پڻ ياد رکنداسين!

[email protected]