ڳالهيون ڳنوارن جون … برسات جا رهجي ويل اثرات ۽ نڌڻڪي سنڌ

0
126
ڳالهيون ڳنوارن جون ... برسات جا رهجي ويل اثرات ۽ نڌڻڪي سنڌ

 قلندر جي ميلي جي ڳالهه پئي هلي. اسان جي سنگت جو مختصر ڪاروان ميلي ڏانهن ويندي انهن پَٽن تان گذري رهيو آهي، جتي چند مهينا اڳ برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ ماڻهن جو ساهه سڪائي، ساڻو ڪري، اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. بندن، بئراجن، ويندي منڇر سميت وڍن تي وڍ لڳندا ويا. ماڻهو ٻچا وٺي پناهه جي تلاش ۾ دربدر سرگردان نظر اچڻ لڳا. پرديدار عورتون توڙي مرد ڪنڌ جهڪايو، بيوس بڻجي بندن، روڊن ۽ رستن تي ويهي ويا. ماڻهن جون قطارون، مستورات اٿڻ ويهڻ لاءِ آزرت. آبرو بچڻ ۽ پت رکڻ جون پرور کي پڪارون. ٻچڙن جي آهه و زاري، عورتن جي بيوسي ۽ بي قراري ۽ وڏڙن جي ٺلهي دلداري جا منظر ڏسي هينئان ڦاٽڻ ٿي لڳا.

                 رڳو هن تر ۾، خيرپور ناٿن شاهه، خان پور، رحيم ملاح جو ڳوٺ، ڪنڊي چکي، شاهي خان لغاري، گهارو، خير محمد چانڊيو، ڪمال سولنگي، بيد، ڪرڪٽ، گوزو، پٽ گل محمد، ڇپر گاڏهي، کمبڙ ميربحر، ولي محمد لغاري، ڇتي جي مياڻ، نور محمد لغاري، اٺين شاخ، فيض محمد لغاري، ابراهيم لغاري، غلام رسول لغاري، الهه بچايو جمالي، اڪ سولنگي، شهمير گاڏهي، محمد صالح سولنگي، پير مشائخ، بوبڪ، آراضي، چنه، ڳيري، ۽ هن علائقي جا سوين ڳوٺ پاڻيءَ ۾ هئا.

مسڪين منڇرين لاءِ ته ڄڻ ڪاري قيام اچي پهتي هئي، امداد جي آسري خلق قطارن ۾، بک جا چڪ، ڊوهه، کس، لٺ جي ريهه هئي. شاهه حسڻ، لياقت بلواڻي منڇري ۽ ڇنڊڻ وارا سمورا ڳوٺ لڏي دادو- جوهي روڊ سان ڇنڊڻ موريءَ تي اچي ڳاهٽ ٿيا. جيسين حڪومت جي مشينري حرڪت ۾ اچي، تنبو ۽ طولان پهچن، تيسين کليل آسمان هيٺ تتي ڪاڙهي ۾ تڙپندا رهيا. جوهيءَ تائين سموري علائقي ۾ پاڻي تار ٿي ويو. ڇنڊڻ تي پتڻ ڪيائون، ٽي چار سئو هڙهيون آڻي بيهاريائون. جوهي ۽ ڇنڊڻ جو هڪ ماڻهوءَ جو ڀاڙو ڏيڍ سئو روپيا ۽ موٽر سائيڪل اڍائي سئو روپيا رکي پتڻ وهڻ لڳو. واهي پانڌي، قصبو، حاجي خان، پٽ گل محمد، جوهي، ڇني، بري، چاڪر ڪوٽ، ڊرگهه بالا ۽ ڪاڇي جي ٻين ڳوٺن جو ضلعي هيڊڪوارٽر دادوءَ سان رابطي جو واحد ذريعو اهي ٻيڙيون هيون. پتڻ سائو ٿي وهڻ لڳو. ماڻهن جا انبوهه، افراتفري، غير يقيني صورتحال، ٻچڙيوال جوهيءَ کان دادو ۽ دادوءَ کان جوهي ايندي ويندي انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏيندا رهيا.

سمورو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو. فصل لڙهي ويا. گهر گهاٽ ٻڏي ويا. ڪنهن غريب ميڙي چونڊي مان جي ڪا جاءِ کڻائي هئي ته اها به وڃي پٽ پئي. بيمارين منهن ڪڍيو، مليريا ڪلور ڪيا. ماڻهو سڏڪڻ، تڙپڻ ۽ مرڻ لڳا. جانورن ۾ به اچي بيماري پئي. مالوندن جو مال مرڻ لڳو. جيئڙا جهرندا رهيا. روڊن ۽ رستن تي، بندن ۽ ٻٺين تي مئل جانور پکڙيل نظر اچڻ لڳا. ڌپ، ڍونڍ سڄو ماحول بدبودار ڪري ڇڏيو. ماحولياتي گدلاڻ پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي. ماڻهو ساهه کڻڻ ۾ به آزرت ٿي ويا. سيوهڻ ۽ جوهيءَ سميت سموري سنڌ تي هڪ قهري قيام اچي ڪڙڪي هئي.

حڪومت بروبر حرڪت ۾ هئي. پاڪستاني فوج ماڻهن جي مدد لاءِ ميدان تي لٿل هئي. بي سهارن کي سهارو ڏيڻ، ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ امداد وغيره پهچائڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ٿي نظر آئي. هڪ آفت جو مقابلو هنن مڙسان مڙسيءَ ڪيو. ڪن اميرن وزيرن به پاڻ ملهايو. ڪجهه مهينا اڳ نهٽو ۾ ٿيل هاڪڙي درياهه تي ڪوٺايل ڪانفرنس جي موقعي تي اسان هلي وڃي اهي ماڳ نهاريا. حد نگاهه تائين پاڻيءَ جون ڇرون نظر پئي آيون. ڪانفرنس جي موقعي تي ماڻهن اسان کي ٻڌايو ته ڪيئن سردار شاهه سندرو ٻڌي ماڻهن جي مدد لاءِ ميدان تي لهي پيو هو. پراڻي هاڪڙي درياهه جي پيٽ واري زمين ٻهر ۽ لٽ واري هئي. هاڪڙي جو وجود ختم ٿي چڪو هو. هنڌين ماڳين ماڻهن ان زرخيز زمين تي بند ٻڌي آباديون وڌيون هيون. پاڻي جا لنگهه بند هئڻ ڪري، هر جاءِ پاڻي بيهي ويو هو. ماڻهو پنهنجي ٻنين وارا اهي بند ڀڃائڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. سيد سردار شاهه ڪنهن کي منٿ ميڙ ته ڪنهن سان ڪو ٻيو طريقو ڪندو بندن کي وڍ ڏياريندو، پاڻي جي واٽ ٺاهيندو، رات ڏينهن ننڊون ڦٽائيندو اڳتي وڌندو رهيو. نيٺ شاڪرا ڍنڍ تائين پهچي، پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائي ساهه پٽيائين. هن مثال ڏيڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته سنڌ واري حڪومت به ماٺ ۾ ڪانه هئي. باقي ايل بي او ڊي کي منهن ڏيڻ هن غريب، بي وس ۽ سادڙي حڪومت جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي.

ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي واهه جا ڪرتب ڏيکاريا. برسات رحمت بجاءِ زحمت بڻجي پئي. سنڌ تي ڄڻ طوفان نوح اچي ڪڙڪيو. خيرپور ناٿن شاهه، جوهي، بوبڪ ۽ سيوهڻ واري سموري ايراضي ٻڏندي ۽ ترندي رهي. رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين المعروف آر بي او ڊي جي تباهه ڪارين جا اثرات اڃا تائين موجود آهن. بدين پاسي ايل بي او ڊي جا هاڃا اسين اکين ڏسي آيا هئاسين. ٻي ڳالهه ته هن سال ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل ڪجهه سٺا ٿيا آهن. ماڻهن ۾ ڪجهه ساهه پيو آهي پر جيئن سدائين ٿيندو آهي، فصل لهڻ سان سرنهن تيرنهن هزار روپيا في مڻ مان لاهي ساڍا ست هزار تي آڻي بيهاري اٿن. ڪڻڪ جو اگهه به ڪري پيو آهي. آبادگار کي واپارين کان اڌار تي کنيل ٻج ۽ ڪلر وياج سميت واپس ڪرڻا آهن. ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. خبرون اهي آهن ته ملڪي خزانو خالي ٿيڻ تي آهي. عالمي بينڪ مطابق ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن ۾ 1700 ماڻهو فوت، ٽي لک متاثر، 16 ارب ڊالر نقصان جو ڪاٿو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثر علائقن جي بحالي خواب بڻيل آهي. سيوهڻ ڏانهن ويندي اڄ به تباهي جا آثار نمايان نظر اچي رهيا آهن. روڊ رستا اکڙيل، موريون پليون ڀڳل، جهوپا جهريل، اجها ڊٿل، هر شيءِ کرکني ٿيل. يقين ڪريو اڃان تائين سڄي سنڌ کناکيڙ ٿيل آهي. واهر نه وسيلو، نه ڌڻي نه سائين. اکيون وري به آسمان ڏي.

م ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو،

تنهنجو نام نلو، وٺيو ويٺي آهيان، (شاهه لطيف- سر ڏهر)