راولپنڊي (م ڊ) دهشتگردي جي انت واري خصوصي  عدالت 9 مئي سانحي جي سمورن 14 ڪيسن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيسن جي سرڪاري چئني پراسيڪيوٽرز جج تي عدم اعتماد ڪري هاءِ ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.  9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. 9 مئي ڪيسن جي سمورن سرڪاري پراسيڪيوٽرز ٻڌڻي ڪندڙ عدالت جي جج  ملڪ اعجاز آصف تي عدم اعتماد ڪندي ڪيس ان کان ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. هنن موقف اختيار ڪيو ته عدالت جو جج راولپنڊي بار جو آهي، هي جوابدارن جي وڪيلن کي رليف ڏئي ٿو، ان ڪري 9 مئي سانحي جا ڪيس ٽرانسفر ڪيا وڃن. ريفرنس داخل ٿيڻ تي عدالت 9 مئي جي سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي روڪي ڇڏي، ٻڌڻي رڪجي وڃڻ سبب پي ٽي آءِ باني سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم ۽ چالان جي ڪاپي  جي ورهاست به رڪجي وئي. ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد احمد، اڳوڻو وزير شبلي فراز، شيرين مزاري، سرتاج گل، راجا بشارت، شهريار آفريدي، راشد شفيق، ڪرنل اجمل صابر سميت پي ٽي آءِ جا سوين جوابدار ڪارڪن به پيشي جي لاءِ موجود هئا.