راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري جو نقشو تبديل ڪيو ويو، شيشي ۽ ڪاٺ جون ڀتيون 9 فوٽ بلند ڪيون ويون، ميڊيا باڪس ۾ ڪوريج لاءِ نوان ضابطه لاڳو ڪيا ويا، ايس او پيز موجب ميڊيا کي عمران کان سوال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، سوال ڪندڙ کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويندو، ٻيهر اچڻ تي به پابندي هوندي. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ غيرقانوني ٽرائل کي عدالت جي سامهون رکنداسين جيئن جيئن گواهه ايندا ويندا خبر پوندي ته ڪيس انتقام جو نشانو بنائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ميڊيا کي ٻڌڻي دوران اندر اچڻ نه ڏنو ويو، اهو سڀ ڪجهه غيرقانوني ۽ غير آئيني ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نيون ڀتيون ۽ شيشا لڳايا ويا، ميڊيا کي هڪ لفظ به ٻڌڻ ۾ نه آيو، اوپن ٽرائل جو چيو ويو هو هي غيرقانوني ٽرائل ٿي رهيو آهي،  بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس سياسي انتقام جو ڪيس آهي، پي ٽي آءِ باني بهاولنگر واقعي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، جڏهن پي ٽي آءِ باني جي گهر جا دروازا ٽوڙيا ويا تڏهن ڪنهن به معافي نه گهري. هن وڌيڪ چيو ته 3 مهينن کان سپريم ڪورٽ کان پٽيشن ٻڌڻ جي استدعا ڪري رهيا آهيون ته اسان جي ڪيسز کي ٻڌڻي لاءِ لڳايو وڃي، اسان جي پٽيشن کي اڃان تائين ناهي ٻڌو ويو، جج صاحب شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽر کان بشريٰ بي بي جو چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي،  پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي صحت ۽ سيڪيورٽي جي باري ۾ خدشا آهن، پي ٽي آءِ باني چيو ته جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته اهي ئي ماڻهو ذميوار هوندا.