اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شير افضل مروت جي سعودي عرب بابت ڏنل بيان کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت جي پرڏيهي سازش واري آپريشن ۾ سعودي عرب بابت بيان تي تحريڪ انصاف لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي. ترجمان موجب، شير افضل مروت جو سعودي بابت بيان پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي جو حصو ناهي، بيان شير افضل جي ذاتي راءِ سمجهي وڃي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو انتهائي ويجهو ۽ اعتماد واري اسلامي ملڪن مان هڪ آهي، سعودي حڪومت ۽ پاڪستان جي ويجهڙائي پي ٽي آءِ باني ۽ قيادت احترام جي نظر سان ڏسي ٿي. ياد رهي ته شير افضل مروت هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو هو ته عمران خان جي حڪومت هٽائڻ ۾ آمريڪا سان گڏ سعودي عرب حڪومت جو به ڪردار هو. ٻئي طرف شيرافضل مروت بيان جاري ڪري چيو ته اهو بيان منهنجو ذاتي آهي جيڪو لائيو پروگرام ۾ چيو. ان جو پارٽي موقف سان ڪو واسطو نه آهي.