راولپنڊي (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي جنهن ڪري سيڙپڪاري نه ايندي ۽ ملڪ جو مستقبل خطري ۾ وڌو پيو وڃي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ سان معيشت ۽ ڪرنسي مستحڪم نه ٿيندي، هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون، جمهوريت جي حڪمراني ناهي، جهنگ جي قانون جو ثبوت بهاولنگر واقعو آهي، طاقتور مارڪٽ به ڪرائي ۽ معافي به گهرائي، وائسراءِ چيو ته اهي اسان جا ڀائر آهن پر اهڙو ورتاءُ ڀائرن نه پر غلامن سان ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته بادشاهه چاهي ته اسان کي 5 ڏينهن ۾ 3 ڪيسن ۾ سزا ڏني وڃي ٿي ۽ بادشاهه چاهي ته نواز شريف جا سمورا ڪيس معاف ڪيا وڃن ٿا. عمران چيو ته گذريل ٻڌڻي تي مون جهنگ جي بادشاهه جو نالو کنيو هو جنهن بعد عالت ۾ اضافي شيشا ۽ ڀتيون اڏيون ويون.