ڪراچي(رپورٽ: صدام ڪولاچي)ملير ضلعي  جي اسپتال ايم سي ايچ  ليبر اسڪوائر لانڍي جي اڳوڻي ايم ايس 19ھين گريڊ جو ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ جوائننگ عيوض 5 لک خرچي  گهرڻ تان آپگھات جي ڪوشش ڪئي آھي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊائو اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، رپورٽن موجب  19ھين گريڊ جو ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ برساتن دوران گھر ٻڏڻ سبب هو 6 آڪٽوبر تي 4 مھينن جي موڪل تي ويو، کانئس ٻيھر جوائنگ لاءِ رشوت طلب ڪئي وئي. اڳوڻي ايم ايس انتھائي قدم کڻڻ کان اڳ ھيلٿ آفيسرن جي نالي کليل خط به لکيو، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته ڊي ايڇ او ملير ڊاڪٽر مقبول ميمڻ، سيڪشن آفيسر آغا الطاف حسين، سيڪريٽري ھيلٿ جي پرسنل سيڪريٽري صدر الدين شاھ  جوائننگ لاء 5 لک رشوت گھري آھي، 5 لکن جو ٻڌي ذھني مريض ٿي ويو آھيان، ڊي ايچ او ۽ پي پي ايچ آءِ وارن تنگ ڪيو، مرڻ بنا ڪو آپشن ناھي بچيو. ٻئي طرف اڳوڻي ايم ايس جي پٽ ٻڌايو ته بابا ذھني دٻاءَ جو شڪار ٿي 50 کان وڌيڪ گوريون کائي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي