ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي پ پ جي آدمشماري بابت  سڀاڻي ڪوٺايل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ عوامي تحريڪ جي صدر لعل جروار جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڊجيٽل مردمشماري خلاف اسان جي پرامن جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پ پ  پاران اي پي سي جو ڊرامو رچايو ويو آهي، پ پ پهرين مرحلي ۾ سي سي آءِ، قومي اسمبلي ۽ سينيٽ مان ڊجيٽل مردمشماري کي رد ڪرائي، اسان جو موقف چٽو آهي ته وقت کان اڳ ٿيندڙ غير آئيني ڊجيٽل مردمشماري قبول ناهي، ڊجيٽل مردمشماري لاءِ رکيل 35 ارب رپيا ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ڪيا وڃن. ٻئي طرف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پارٽي جي اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو ته  پ پ جي آل پارٽيز ڪانفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي، 2017ع واري مردمشماري تي پ پ جڏهن اعتراض واريو ته سي سي آءِ ۾ ڊجيٽل مردمشماري  جو فيصلو ٿيو ، اها سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، اسان بدنيتي تي ٻڌل آل پارٽيز ڪانفرنس جو بائڪاٽ ڪريون ٿا.