حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ توهين عدالت جي درخواست تي سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 2020ع کان هيستائين برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي معاوضو فراهم نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال لاءِ سم نالو تعمير نه ڪرائڻ خلاف داخل درخواست تي سيڪريٽري آبپاشي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي کين 4 آڪٽوبر تي متاثرين کي ملندڙ معاوضي جا سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمود اي خان ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻي نيڪال جي مڪينزم توڙي متاثرين جي بحالي بابت جوڙيل حڪمت عملي کان آگاهه نه ڪيو ويو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويندو. کپرو سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ مير محمد نهڙي وڪيل شبير مري معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته برساتن دوران سال 2020ع ۽ 2021ع دوران لاڳاپيل ضلعن ۾ 5 کان 8 لک ماڻهون متاثر ٿيا، سندن چوپايو مال مري ويو جڏهن ته فصل پاڻي هيٺ اچڻ توڙي گهر ڊهڻ بعد هو بي يارو مددگار بڻيا. درخواست گذار موجب ته 2 سال اڳ حڪومت سندن بحالي لاءِ معاوضن جو اعلان ڪندي مستقل بنيادن تي پاڻي نيڪال لاءِ شڪور ڍنڍ کان پيرونمل تائين سم نالو تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ماڻهو ٻيهر دربدر بڻيل آهن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي، کپرو ۽ مختيارڪارن سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان کي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو چيو هو، اها رپورٽ ڪٿي آهي؟ عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته عملدارن پاران جمع ڪرايل رپورٽ 2020ع جي آهي. عدالت عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2020ع واري رپورٽ کي ڇا ڪيون، ان کانپوءِ 2021ع ۽ هاڻي 2022ع ۾ ٻوڏ آئي آهي اهي تفصيل ڪٿي آهن؟ عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان رڳو ڪاغذ ٿا جمع ڪرايو، سڄي عمر ڪاغذ جمع ڪرائيندو يا ڪو عملي ڪم به ٿيندو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عملدارن کي حڪم ڏنو ته ٽنهي ضلعن ۾ هيستائين ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سرڪار پاران سندن بحالي لاءِ کين ڪيترو معاوضو ۽ ڪڏهن فراهم ٿيندو ان بابت روزانو جي بنياد تي ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ اوهان خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو.