فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) انتظاميا فيض گنج تعلقي جي مختلف ڳوٺن مان برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ واري وعدي تان ڦري وئي، سوين متاثرن جو مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو، روڊ بلاڪ هجڻ ڪري تيز بخار ۾ مبتلا معصوم نينگري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وئي. وارث نينگريءَ جو لاش کڻي ٿاڻي تي پهچي ويا. رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ حاجي حسين شاهه جيلاني، سجاول خاصخيلي، مٺو چانگ، بلوچ چانگ، بادل فقير، مشقول بالادي سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن مان برساتي ۽ ڪٽن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري عمل خلاف سوين متاثرن پاران پڪا چانگ مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين جي اڳواڻن زينل شاهه، فقير عنايت هيسباڻي، بلاول، صدام چانگ ۽ ٻين چيو ته تعلقي فيض گنج جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 4 کان 5 فوٽ بيٺل آهي، جنهن ڪري هزارين رهواسي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. هنن جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ  ڊي سي خيرپور يقين ڏياريو هو ته هڪ ڏينهن اندر پاڻي نيڪال ڪنداسين پر سندس وعدو وفا نه ٿيو آهي. هنن واضح ڪيو ته جيستائين پاڻي نيڪال نه ٿيندو، احتجاج جاري رهندو. ڌرڻي دوران سيٺارجا مان ڦٽين جو چونڊو ڪري واپس ٽنڊو الهيار ويندڙ ڪولهي برادري جي معصوم نياڻي سونيا ولد ڀگو ڪولهي تيز بخار هجڻ ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وئي. فوتي نينگريءَ جي والد ڀگو ۽ سندس امڙ سوڊي روئندي ٻڌايو ته اسان به برسات متاثر آهيون، ڦٽين جي چونڊي بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين. نينگري کي تيز بخار هو، مظاهرين کي چئن ڪلاڪن تائين منٿون ڪندا رهياسين ته اسان کي رستو ڏيو، نينگري کي اسپتال پهچايون پر رستو نه ڏنو ويو جنهن ڪري نينگري فوت ٿي وئي. بعد ۾ نينگريءَ جو لاش کڻائي فيض گنج ٿاڻي تي پهتاسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو. ان سلسلي ۾ مظاهرين جو چوڻ هو ته نينگري بيمار هئي، اسان کين رستو ڏئي اسپتال پهچايو، ڪنهن به سندن رستا روڪ نه ڪئي هئي. ٻئي پاسي فيض گنج پوليس ٻڌايو ته نينگري روڊ بلاڪ هجڻ ڪري فوت ٿي آهي، وارثن پاڻ ڪيس داخل نه ڪرايو.