ھڪ جپسي ڪالم … پھاڙن وچان سفر ۽ ريلوي جي “جھنم لائين”

0
131
ھڪ جپسي ڪالم ... پھاڙن وچان سفر ۽ ريلوي جي “جھنم لائين”

  دوستو، پوئين قسط ۾ اسان جي ٽرين سبيءَ کان نڪتي ھئي ۽ ڪوئيٽا جي ٽريڪ تي روان دوان ھئي، ٽرين جي اندر به، ٻاھر جيان ئي ھڪ ڪمال جي دنيا اسان سان ھم سفر ھئي، بس مشاھدي واري نگاھ کپي. سامھون ٻن سنگل سيٽن تي ھڪ نئون پرڻيل جوڙو سفر ڪري رھيو ھو، ھُوءَ ڪنوار جيڪا لباس ۾ بلوچ لڳي رھي ھئي، ھن جي ڪارسري چھري تي مساڳ جي گھاٽي سرخي ۽ وارن ۾ ڪِنڙي ٻوٽيءَ جي تيز مھڪ ڄڻ حواسن تي اثر ڏيکاري رھي ھئي. ھُوءَ بار بار پنھنجي وَرَ ڏي محبوب نظرن وچان نھاري رھي ھئي، ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ گھور گھور وڃي رھي ھئي. اسان ٻروچن ۾ شاديءَ جو معاملو رڳو وڏا ڏسندا آھن، مزاج يا ذھن ملڻ وارو فسانو رڳو ڪتابن ۾ ئي پڙھندا آھيون، شاديءَ رات خبر پوندي آھي ته ڪير ڪنھن جو ورُ ۽ ڪيرِ ڪنھن جي ڪنوار بڻي آھي، افسوس جو اسان جي ٻروچڪي سماج ۾ “پيار” ھڪ گار جيان خوفناڪ لفظ آھي، ان لفظَ جي ادائيگيءَ سان ئي سردارن کي پنھنجا پٽڪا ڌڌڙ ۾ ڌوڙ ٿيندي نظر ايندا آھن، ان ڪري بدقسمتيءَ سان اسان نوجوانن کي ننڍپڻ ۾ ئي سمجھايو ويندو آھي، ته پيار ڪيئي ڄڻ “ڪارو” ٿي وئين. مان ڏاڍي ڏک وچان سوچيندو آھيان ته اسان ٻروچن سنڌ جي سرحدي پٽيءَ تي پنھنجا ھٿ ٺوڪيا سرداري قانون ٺاھي رکيا آھن، جن جي اثر ھيٺ نه ڄاڻ ڪيتريون ابوجھ جوانيون ڪارنھن جي الزام ۾ قبرن ڀيڙيون ڪيون ويون. اسان جي سنڌ جي عظيم پراچين ثقافت ۾ اھائي عورت ديوي آھي، جا انسان کي جنم ڏئي ٿي ۽ جي ڌرتي آھي ته پنھنجي ٻچڙن لاءِ اَنُ اپائي ٿي، ايڏي وڏي درجي واري زائفان ذات اسان ٻروچن وٽ اچي ھَٿَ ٺوڪين رسمن ھيٺ بدناميون ڏئي يا ته ماري وڃي ٿي يا ڪاريءَ جو ٺپو ھڻي ٻه ٽي ضلعا پري وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ورھاڱي پڄاڻان سرداري سسٽمَ جو انت انڊيا ۾ ته ڪاميابيءَ سان ٿي ويو ھو پر ھتي اسان جي پاسي انھن سردارن، پيرن، وڏيرن کي ڄاڻي ٻُجھي ھٿ ئي نه لاتو ويو، نتيجي طور اسان وٽ عوام ڪمزور ۽ سردار، پير، وڏيرا زورآور ٿيندا ويا. ھاڻ ته جيڪڏھن ڪو مڊل ڪلاس دو نمبريءَ سان پئسو ڪمائي اشرافيه ڪلاس ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ته ٿوري ئي عرصي ۾ رنگ مٽائي انھن جھڙو ئي بڻجي سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻھڻ لاءِ ايذاءُ جو سبب بڻجي وڃي ٿو ۽ پنھنجي تَرَ جي ماڻھن تي قھر جيان ٽُٽي پوي ٿو.

ٽرين لڳ ڀڳ 12ھين  وڳي آبِ گم اسٽيشن تي اچي بيٺي. ھڪ ننڍڙي ۽ سھڻي اسٽيشن، جنھن جي چئني پاسن کان پر گھڻي مفاصلي تان پھاڙ ڪَرَ کنيو بيٺل نظر اچي رھيا ھئا. ھتي مقامي ماڻھن واتان ٻڌم ته ڪڇي ضلعي جي ھن علائقي جو نالو ‘آبِ گم’ ان ڪري پيو، جو ھتي جيڪو به ڪاريز يا جھرڻو پھچي ٿو، ته ھتان جي نرم واريءَ جھڙي مٽيءَ مٿان بيھي ئي ڪونه ٿو ۽ ڌرتي ان کي چُھي وڃي ٿي. ‘آب’ فارسيَ ۾ پاڻيءَ کي چوندا آهن ۽ گم معنيٰ غائب، يعني ھتي پاڻي فورن غائب ٿي وڃي ٿو. ٽي منٽ بيھي ٽرين وري اڳتي وڌي ٿي، ٽرين جي ٽريڪ کي پھاڙن جي حساب سان زيگ زيگ طريقي سان ٺاھيو ويو ھو. جيڪڌھن سِڌَ ۾ ھلجي ھا ته گھٽ ٽائيم لڳي ھا پر پھاڙن جي ور وڪڙ پيچرن جي ڪري ٽرين جي پٽڙي گھڻي طويل محسوس ٿيڻ لڳي ھئي. ‘آبِ گم’ کان اڳ ۾ سبي اسٽيشن بعد ‘مشڪاف’ اسٽيشن وٽان جيئن لنگھياسين ته ٽرين ۾ اوچتو انڌيرو ڇانئجي ويو. مان گھٻرائي ٻاھر نھاريو ته اسان ھڪ طويل ٽنل يعني سُرنگ يا چُرِ وچان لنگھي رھيا ھئاسين. ڇوڪرن ۾ ھُوڪرا پئجي ويا. ان بعد اسان ڳڻيندا وياسين ته ڪول پور اسٽيشن تائين اسان تقريبن 15 اھڙين چُرن وچان لنگھياسين، اھو ڪمال تجربو، اسان جي ننڍڙن ذھنن ۾ ياعمر لاءِ محفوط ٿيڻ وڃي رھيو ھو. انگريز واقعي ‘جنن’ جھڙي قوم آھي، جتي به ھٿ وڌائون، ان کي تڪميل تائين پھچائي پوءِ واپسيءَ جي ڪيائون. ڪول پور اسٽيشن تي اسان تقريبن ٻين وڳي پھتاسين ۽ اتي ئي اسٽيشن جي آس پاس ڪوئلي جون ننڍڙيون ننڍڙيون چُرون ٺھيل ھيون، جتان ٽريڪ ٺاھي ننڍڙن مال گاڏن ذريعي ڪوئلو ٻاھر آندو پئي ويو. اھو منظر اسان جي معصوم ۽ حيران نگاھن ڪافي دير تائين دلچسپيءَ سان ڏٺو. ھن اسٽيشن تي ٽرين کي پويان کان به ھڪ انجن اچي لڳي. پڇڻ تي خبر پئي ته ھتان کان ڪوئيٽا تائين ٽرين اپ- گريڊ ۾ ھلندي، يعني چاڙھي چڙھندي ۽ اھا چاڙھي ھڪ طويل چاڙھيءَ طور ليکي ويندي آھي. ٽرين ھلڻ جي ڏھن منٽن بعد اسان محسوس ڪيو ته اسان آھستي آھستي ڄڻ مٿي چڙھي رھيا آھيون. ٽرين ۾ ويٺل مقامي مسافرن اسان جي ٽيچر صاحب کي ٻڌايو پئي ته ھن پٽڙيءَ تي ور ور يعني ٽن چئن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ لُوپ لائين ٺاھي وئي آھي، اھو ان لاءِ ته جيڪڏھن ڪنھن ٽرين جا بريڪ فيل ٿي وڃن ته پوءِ اسٽيشن وارا ان ٽرين کي انھيءَ لائين ڏي موڙي ڇڏيندا آھن. مقامي ماڻھو انھن لُوپ لائينن کي “دوزخ لائين” جي نالي سان ياد ڪندا آھن. مقامي مسافر ماڻھن ٻڌايو ته اتان گذري اھي ٽرينون پنھنجي مسافرن سميت ھوائن ۾ اڏامنديون آسمان تائين وڃي پھچنديون آھن ۽ الوپ ٿي وينديون آھن. اھي ڳالھيون ٻڌي اسان ڇوڪرن جو ساھ مُٺ ۾ اچي ويو ھو، سڀ ڪو ورد- ورود ۾ لڳي ويو ھو. خاص طور تي ھيبت اللھ ميمڻ ته زور زور سان آيت الڪرسي پڙھي رھيو ھو. ھونءَ جڏھن مان ريلوي ۾ ڀرتي ٿي آيس ته مون پتو ڪيو ھو ته اھا “جھنم لائين” آخر آھي ڇا؟ ته مون کي منھنجي ڪوئيٽا جي دوستن ٻڌايو ھو ته اھا لائين واقعي ڏاڍي خطرناڪ آھي، ڇو ته ان لائين تان ٽرينون اوور شوٽ به ٿي وينديون آھن پر اھي لوپ لائينون حفاظتي حساب سان انگريزن ٺاھيون ھيون ته خدا نخواسته اگر ڪا ٽرين اتان اوور شوٽ ٿي به وڃي ته انھن لوپ لائينن جي ڪري اھا ڪنٽرول ٿي ويندي آھي، ڇو ته انھن لائينن جي انتَ ۾ پٽڙيءَ کي واريءَ جي وڏن دڙن سان پوري ڇڏبو آھي، جتي پھچي ٽرين جا ڦيٿا واريءَ جي دڙي ۾ ڦاسي بيھي رھندا آھن ۽ ٽرين جي مسافرن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويندو آھي. لڳ ڀڳ ڇھين وڳي اسان جي ٽرين ڪوئيٽا اسٽيشن تي پھتي ۽ بوگيءَ کان ٻاھر نڪتاسين ته اسان کي شديد سردي ورائي وئي. اسان کي پنھنجي استادن ڪنھن سرڪاري اسڪول جي ھاسٽل تي پھچايو ھو، جتي اسان کي ڪپڙا بدلائڻ مھل سويٽر ۽ اوني جوراب پھرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي ھئي. جون ۾ سويٽر پھرڻ جو تجربو اسان ڪوئيٽا ۾ ڪيو ھو، ڇو ته اتي جون مھيني ۾ به ايتري سردي ھئي، جو اسان ڪنبي رھيا ھئاسين. احمد مغل ۽ ڪجھ دوستن تڙ ڪرڻ جو پروگرام ٺاھيو پر اسان اھو ڏسي حيران ٿي وياسين ته لوھي پائپن ۾ پاڻي ڄمي ويو ھو. اسڪول جي چوڪيدار اسان جي تڪليف کي محسوس ڪيو ۽ اسان کي سمجھايو ته جيڪڏھن ڪنھن کي تڙُ ڪرڻو آھي ته اڳ ۾ پاڻيءَ جي لوھي پائپ ھيٺان باھ ٻاريو. پوءِ واقعي ايئن ئي ٿيو. احمد ۽ زين پاڻي رجائي بالٽي ڀري ۽ ان سان تڙُ ڪيو ۽ باٿ روم مان سيءَ ۾ ڏڪندا ٻاھر آيا ۽ چوڻ لڳا بابا توبھن اسان جي، ھاڻي ھتي تڙو ڪونه ڪنداسين، پنھنجي شھر پريالي پھچي پنھنجي گھر ۾ گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪنداسين.