گڊو (ن پ ا) ملڪ ۾ هلندڙ چوماسي جي برساتن سبب سنڌو درياهه گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، گڊو بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 84 هزار 984 ۽ هيٺيون 3 لک 57 هزار 721 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو.آبپاشي کاتي پاران گڊو بيراج وٽ وچولي سطح جي ٻوڏ جي اعلان بعد ڪچي جي رهواسين لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪچي جي رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ٻي پاسي سنڌ سرڪار پاران آبپاشي کاتي جي عملي ۽ آفيسرن جو موڪلون بند ڪيون ويو آهن، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ وچولي ٻوڏ هئڻ باوجود آفيسر ۽ ٻيو عملو آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهن، آبپاشي کاتي گڊو جي انجنيئر کان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جواب ڏيڻ کان انڪار ڏئي ڇڏيو.