گيٽ نمبر 4 جي سياست نٿي اچي، رڳو عوام تي ڀروسو آهي: بلاول

0
138
گيٽ نمبر 4 جي سياست نٿي اچي، رڳو عوام تي ڀروسو آهي: بلاول
گيٽ نمبر 4 جي سياست نٿي اچي، رڳو عوام تي ڀروسو آهي: بلاول

شانگلا: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي گيٽ نمبر 4 جي سياست نٿي اچي، مان ڪنهن ٻئي پاسي ڏسڻ بدران عوام تي ڀروسو ڪيان ٿو

شانگلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ طرف سياست ورهاڱي جو شڪار آهي ته ٻئي طرف معاشي حالتون خراب ٿي رهيون آهن، پراڻا سياستدان اڄ به پراڻي ۽ انا جي سياست ڪري رهيا آهن، اسان جو ڪنهن به سياستدان سان مقابلو ناهي

پيپلز پارٽي جو غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي سان مقابلو آهي، پيپلز پارٽي ماضي ۾ به عوام کي مصيبت مان ڪڍيو، هاڻ به ڪڍندي

پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي گار گند ۽ ٽڪ ٽاڪ واري سياست نٿي اچي، اسان کي گيٽ نمبر 4 جي سياست به نٿي اچي، مان رڳو عوام ڏانهن ڏسندو آهيان

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته منهنجو ملڪ مصيبت ۾ آهي، اچو منهنجو ساٿ ڏيو، ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا، مون سمورن سياستدانن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، هنن وٽ رڳو پراڻي سياست آهي جيڪا انتقام جي سياست آهي، اهڙي سياست کي دفنائڻو پوندو 

بلاول چيو ته منهنجي مخالفن کي خبر آهي ته بلاول پنهنجا کيسا نه پر عوام جا کيسا ڀريندو، اسان عوام جي ايڏي خدمت ڪئي آهي جو مخالف به پريشان آهن